مٺي ۾ نياڻي کي تشدد ڪري مارڻ خلاف احتجاج

مٺي (بيوروچيف) مٺي ۾ رهواسين پاران بيمار حالت ۾ گهر مان نيڪالي ڏنل ڳوٺ ڀوريلو واسي شادي شده ناري ڀويتا سوٽهڙ جي فوت ٿيڻ  واري واقعي خلاف ناري جي ماءُ اولان سوٽهڙ ۽ گهرڀاتين پاران ٿرپارڪر ميڊيا سينٽر آڏو احتجاج ڪيو،احتجاج ڪندي ناري ڀويتا جي ماءُ اولان سوٽهڙ ۽ ٻين الزام هنيو ته منهنجي نياڻي جي مڙس ڊاڪٽر ايسرداس سوٽهڙ اڳوڻي زال کي تشدد ڪري مارڻ کانپوءِ ٻئي شادي منهنجي نياڻي 25 سالا ڀويتا سان ڪئي،جيڪا چار سال ان وٽ هئي جنهن بعد هن کي تشدد ڪري مرڻينگ ۽ بيمار ڪري گهر مان نيڪالي ڏئي اسان جي گهر اڳيان اڇلائي ويو ۽ اسان اُن کي سول اسپتال مٺي ۾ داخل ڪيو،جتي هو فوت ٿي ويئي پر ڊاڪٽر ايسرداس انهي ٽائيم اطلاع باوجود نه پهتو،هنن چيو ته اسان جي نياڻي کي فوت ٿيڻ کي 21 ڏينهن گذري ويا آهن پر انهي ڊاڪٽر خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته اسان جي نياڻي کي ڊاڪٽر ايسرداس ۽ ٻين گڏجي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو آهي ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر سميت انساني حقن جون تنظيمون معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪري بااثر ڊاڪٽر ۽ ٽولي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.