ڪوٽڙي ۾ قتل ٿيل زهران کوسو جي وارثن جو موٽروي تي ڌرڻو

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو)ڪوٽڙي جي سبحان الله ڪالوني ۾ ھڪ ھفتو اڳ ويڳي ڀاءُ طرفان قتل ڪيل نوجوان ناري زھران کوسو جي  قتل ڪيس ۾ وڌيڪ جوبدارن جا نالا شامل ڪرڻ لاءِ وارث عورتن احتجاج ڪندي ڪوٽڙي ٽي موڙ وٽان موٽروي روڊ بلاڪ ڪندي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي قتل ٿيل ناري جي ڀيڻ سڪينا کوسو جو چوڻ ھو ته پوليس صرف قتل ڪيس ھڪ جوابدار تي داخل ڪيو آھي ان ۾ پلاننگ ۾ شامل ٻين جوابدارن جا نالا ڏنا آھن پر پوليس وڌيڪ جوابدارن تي ڪيس داخل نه ٿي ڪري. ھنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آھي تـ ڪيس ۾ـوڌيڪ جوابدرن خلاف داخل ڪيو وڃي بعد ۾ ڊي ايس پي ڪوٽڙي رياض ملڪ پھجي احتجاج ڪندڙن سان وڌيڪ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ تي احتجاج ختم ڪرايو. ان موقعي تي ڊي ايس پي ڪوٽڙي رياض ملڪ ٻڌايو تـ ان ڪيس ۾ صرف جوابدار ويڳو ڀاءُ طالب کوسو پنھنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو ھو ھو جوابدار ھڪ پسٽل سميت گرفتار آھي ان مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ان قتل جو اعتراف ڪيو آھي ان جو  رمانڊ ورتو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.