سکر اسٽيشن روڊ تي ايڪسائيز آفيس واري علائقي ۾ وڪيل جي آفيس کي باهه

سکر (رپورٽر) سکر جي اسٽيشن روڊ ايڪسائيز آفيس واري علائقي ۾ ايڊووڪيٽ نديم احمد جي آفيس ۾ اوچتو باهه لڳي  وئي، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ لکين روپين جو قيمتي سامان ۽ دستاويز سڙي رک ٿي ويا آهن، واقعي جو اطلاع ملڻ باوجود فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو، باهه لڳڻ جو ڪارڻ بجلي جو شاٽ سرڪٽ ٻڌايو پيو وڃي.

  • اسان جي جماعت پرامن ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف آهي: سحر علي رضوي

حيدرآباد(رپورٽر) مرڪزي ولايت علي اثناءَ عشري پاڪستان جي اڳواڻ سحر علي رضوي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مرڪزي  ولايت علي اثناءَ عشري پاڪستان 2019 کان پنجاب کان پنهنجي شروعات ڪئي، جنهن جا هن وقت 67 هزار ميمبر آهن. هن چيو ته اسان جي جماعت هن وقت سنڌ ۾ ڪم شروع ڪيو آهي، جلد سڄي سنڌ تائين ڦهلجي ويندي. هن چيو ته اسان جي جماعت پرامن ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف آهي. هن مطالبو ڪيو ته غير ملڪي فنڊن تي هلندڙ جماعتن جي جاچ ڪرائي وڃي.17

  • کهڙا جي صحافي سان مامي جي لاڏاڻي تي تعزيت هلندڙ

کهڙا   ( ن ع آ )   عوامي آواز جي رپورٽر تبسم عبدالرزاق اڄڻ سان سندس مامي نورمحمد عرف نورالدين اڄڻ جي وفات تي تعزيتي سلسلو هلندڙ آھي، سنڌ ايجوڪيشنل  فورم خيرپور جي چئيرمين ظھير لاڙڪ. ناليواري شاعر فقير ڦليو. صحافي قاضي سرفرازحسين. شاعر مبين اڄڻ کهڙا شھر سندس تڏي تي پهچي عبدالرزاق اڄڻ سان مامي جي وفات تي تعزيت ڪئي جڏھن ته سندس سان تعزيتي سلسلو هلندڙ آھي.

  • سرهاڙي جي يوسي گل محمد لغاري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي

سرهاڙي (ن ع آ) سرھاڙي جي  يوسي گل محمد لغاري ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه تقريب منقد ڪئي وئي، تقريب ۾ پ پ اڳواڻ اڳوڻي چيئرمين يوسي گل محمد لغاري محبوب علي زرداري، ضلعي جنرل سيڪريٽري پيپلز هاري ڪميٽي زنوار حبدار علي زرداري، ڪامريڊ رشيد مشوري، محمد جمن لاکو، حاجي غلام حسين زرداري ۽ ٻين پاران دنيا جي عظيم ليڊر شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 69هين سالگراه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. ، ان موقعي اڳواڻن چيو ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ پاڪستان جي عوام لاءِ پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي هميشا لاءِ امر ٿي وئي هنن چيو ته شھيد راڻي پنهنجي سياسي دور ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڊڪٽيٽر اڳيان نه جهڪي ۽ سندس خاندان جون هن ملڪ جي عوام لاءِ جاني ۽ مالي عظيم قربانيون آهن جيڪي اسان ڪڏهن به نٿا وساري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.