راڌڻ ۾سول سوسائٽي طرفان پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي

راڌڻ ( رپورٽر: ھريش ڪمار ) راڌڻ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف سول سوسائٽي ۽ نوجوان قومپرست تنظيم جي اڳواڻن شاهه زيب ڪليار، مظھر رند، يوسف لاشاري، جي ايم لاشاري جي اڳواڻي احتجاجي ريلوي ڦاٽڪ کان ريلوي  اسٽيشن راڌڻ تائين ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين شرڪت ڪئي، ريلي ريلوي ڦاٽڪ کان نڪتي جيڪا مين بازار کان ٿيندو ناڪي چوڪ تي پھتي، جتي پي ٽي آئي اڳواڻ  مير مظھر خان جھتيال، ايس يو پي اڳواڻ غلام شبير منگي، تھميز اڳرو اسلم مغل، سماجي اڳواڻ يوسف لاشاري، سنڌ عوامي فورم اڳواڻ علي شير جونيجو سماجي اڳواڻ نادر سولنگي، الطاف کوکر پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف خطاب ڪندي چيو ته پ پ حڪومت پڻ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ذميوار آھي ڇو ته پنجاب پاڻي روڪيون ويٺو آھي ۽ مرڪز ۾ پ پ حڪومت سندس ٻانھن ٻيلي آھي ۽ مرڪز ۾ پاڻي جو وزير خورشيد شاھ آھي سنڌ ۾ فصل جو پاڻي نه ملڻ ڪري ساريالي فصل جي پوکائي کي ھڪ مھينو ليٽ ٿي وئي آھي اڃا پاڻي نه مليو ته سنڌ معاشي طور تباھ ٿي ويندي ۽ بدحالي بي روزگاري جي ور چڙھي ويندي ۽ بدامني پڻ وڌي ويندي  جنھن جي شروعات ٿي چڪي آھي.هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پاڻي ڏيو نه ته پ پ نون ليگ سان اتحاد ختم ڪري سنڌ جو ساٿ ڏئي  ۽ آخر ۾ ريلي ريلوي اسٽيشن تي پھچي ڌرڻو ھنيو ويو اڀ ڏاريندڙ نعرن جي گونج ۾ ريلي کي اختتام پذير ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.