ملير ۾ مبينا مقابلو، هڪ جوابدار زخمي، 2 فرار

ملير (ڊ ر) ٿاڻي بن قاسم پوليس جو ڦوروئن سان مبينا مقابلو، جوابدار شهري کان ڦر لٽ ڪرڻ بعد فرار ٿي رهيا هئا ته گشت تي معمور پوليس اهلڪارن روڪڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار جڏهن سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او بن قاسم محمد امين کوسو صحافين کي ٻڌايو ته ٽي ڦورو شهري کان ڦر لٽ ڪرڻ بعد فرار ٿي رهيا هئا ته گشت تي معمور پوليس اهلڪارن کيس روڪڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار شفقت زهراڻي کي غيرقانوني هٿيار سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، هن چيو ته مقابلي ۾ گرفتار ٿيل زخمي ڦورو شفقت زهراڻي 15 کان وڌيڪ ڦر جي وارداتن ۾ بن قاسم، اسٽيل ٽائون سميت ملير جي مختلف ٿاڻن تي گهربل آهي، هنن چيو ته فرار ٿي سندس ٻن ساٿين جي پڻ گرفتاري لاءِ پوليس ٽيمن جا ڇاپا جاري آهن، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.