ٺٽي ۾گهر کي باهه، سمورو سامان سڙي ويو

ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي شهر جي مخدوم محلي ۾ پپو جوکيو جي گھر کي اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ گھر ۾ موجود سمورو سامان سڙي ويو. اطلاع  باوجود فائر برگيڊ گاڏي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پھتي، تيستائين گھر جو سمورو الهھ تلهھ سڙي ويو، باھ متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يار و مددگار ويـٺل آھن، جن جي اڃا تائين ڪنھن به سار ناھي لڌي. باھ متاثرن وس وارن کان سھائتا جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.