پير ڳوٺ ۾ منٿلي نه ڏيڻ تان آبادگار جا وڻ وڌي ڏوهاري فرار

پيرجوڳوٺ (ن ع آ ) پيرجوڳوٺ لڳ هٿياربندن پاران منٿلي نه ڏيڻ تي پيرجوڳوٺ جي رهواسي آبادگار جاويد احمد ميمڻ جي انبن جي باغ ۾ داخل  ٿي ڀلي جنس جا 41 انبن جا وڻ وڍي آسانيءَ سان فرار ٿي ويا آبادگار پاران اهڙو اطلاع پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي ڪيو. پيرجوڳوٺ پوليس ڄاڻايل هنڌ پهچي ٿيل نقصان جو جائزو ورتو. ان سلسلي ۾ آبادگار جاويد احمد ميمڻ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بدنام ڏوهارين مون کان لکين رپيا روڪ راڊو گهڙيون ۽ ٻيو سامان منٿلي گهري هئي نه ڏيڻ تي منهنجي باغ مان هي ٽيون ڀيرو ڪارروائي هڪ سو  کان وڌيڪ انبن جا قيمتي وڻ ۽ کجيون ڪٽي ڪروڙين رپين جو نقصان ڪيو آهي. هن چيو ته جوابدارن خلاف اڳ به اهڙو ڪيس داخل ڪرايو هو پر پوليس ويتر ڏوهارين جي ڀر بڻيل آهي. هن چيف جسٽس پاڪستان. آءِ  جي سنڌ کان ڪاروائي جومطالبو ڪيو آهي ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.