سکر ۾ مبينا مقابلو، ڏوهاري مارجي ويو

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سکر پوليس جو مبينا مقابلو، بدنام ڏوهاري کي مقابلي دوران مارڻ جي دعويٰ، خبرموجب، ايس ايس پي  سکر سنگھار ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد راهوجا واري علائقي ۾ رات دير سان ناڪابندي دوران شهزور گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي گاڏي ۾ سوار هٿياربندن پوليس مٿان سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ڦر، چوري ۽ ڌاڙن ۾ ملوث بدنام ڏوهاري ارشاد احمد مارجي ويو آهي. ارشاد احمد خلاف سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.