لاڙڪاڻي جيل ۾ قيدي منتقل، آءِ جي جيل پهتو، بريفنگ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ آپريشن ڪري جيل قتل، منشيات سميت ٻين سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ قيد ڀوڳيندڙ 1100 کان  وڌيڪ قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو سميت سنڌ جي مختلف جيلن ۾ منتقل ڪرڻ کان پوءِ آءِ جي جيل سنڌ قاضي نظير احمد لاڙڪاڻي پهتو جتي هن لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جو دورو ڪري جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کان آپريشن ۽ ٻين معاملن بابت بريفنگ ورتي جنهن تي جيل سپريٽيڊنٽ کيس ٻڌايو ته منتقل ڪيل اڪثر قيدين وٽان آپريشن دوران منشيات، 600 کان وڌيڪ موبائيل فونون، لوهي سريا، لوهي سيخون ۽ پابندي پيل شيون هٿ آيون آهن. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي جيل سنڌ قاضي نظير احمد چيو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ڪاميابي سان آپريشن پنهنجي پڄاڻي تي پهتو آهي ۽ ڪيترن ئي قيدين کي ڊسٽرڪٽ توڙي ٻين جيلن ڏانهن خير خوبي سان منتقل ڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ جي جيلن ۾ آپريشن دوران اڪثر قيدي مارجي ويندا آهن جيئن حيدرآباد جيل ۾ آپريشن دوران 8 قيدي مارجي ويا پر لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ آپريشن دوران ڪو به جاني نقصان نه ٿيو جيڪو ڪريڊٽ جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ ڏانهن وڃي ٿو جنهن لاءِ انعام جو اعلان ڪيان ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.