موري ۾ معصوم شاگرد سان بدفعلي ڪوشش، جوابدار گرفتار

مورو (  ت ر ) مورو دادو روڊ لڳ حضوري پير بلال مسجد  جي پيش امام فصي الدين مشوري 8 سالن جي معصوم معين علي سان بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، معصوم ٻار جي دانهن تي پاڙي وارن پھچي جنسي ڏاڊائي کان معصوم ٻار کي بچائي ورتو، پاڙي وارن معصوم ٻار جي والدين کي اطلاع ڏنو، جن پهچي  مولوي کي قابو ڪري مورو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار صحافين سوال ڪرڻ تي ٻڌايو ت مان واقعي معصوم ٻار سان زنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ۽ مان واقعي ھن ڏوھ ۾ ملوث آھيان، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته گرفتار جوابدار ڪيترين ئي معصوم شاگردن سان زنا ڪرڻ ۾ ملوث رھيو آھي،ٻئي پاسي مورو پوليس مولوي کي گرفتار ڪري زنا ايڪٽ تحت ايف آءِ  آر داخل ڪري ڇڏي،وارثن طرفان گرفتار جوابدار کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.