هالاڻي ۾ ڳوٺاڻي جا پوليس آفيسر تي قبضي جا الزام، احتجاج

ھالاڻي ( ن ع آ )  ھالاڻي ڀرسان ڳوٺ ھوت خان جلباڻي جي رھواسين عبدالطيف جلباڻي، محمد نفيس جلباڻي، شفيق جلباڻي، منظور احمد جلباڻي بااثر پوليس جي ايس ايڇ او سليم جلباڻي جي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي بابي ۽ ڏاڏي جي ذاتي زمين آھي، جنھن جا ڪاغذات اسان وٽ آھن، پر پوليس آفيسر سليم جلباڻي زبردستي ڏنڊي جي زور تي زمين مٿان قبضو ڪيو ويٺو آھي، مان اڄ پنھنجي عزيز جي اوطاق تي ويٺو ھوس ته محمد سليم جلباڻي ۽ سندس ماڻھو مون کي زوري زبردستي کڻي زمين لکرائڻ پيو چاھي منھنجي انڪار ڪرڻ تي منھنجي مٿان تشدد ڪري پسٽول جا فائر ڪري مون کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو اھڙي شڪايت لاکاروڊ ٿاڻي تي موجود آھي ۽ مان نوابشاھ اسپتال زير علاج ھيس ھن مھل تائين مون کي سرٽيفڪيٽ ناھي مليو جنھن جي ڪري ڪيس به  داخل  ٿي نه سگھيو موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي نوٽيس وٺي تحفظ ڏئي بااثر سليم جلباڻي مٿان ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.