چوهڙ جمالي لڳ نوجوان جي گرفتاريءَ خلاف احتجاج، اهلڪار کي مارڪٽ، چڪريون

چوهڙ جمالي (رپورٽ:اسماعيل ميمڻ) چوهڙ جمالي-سجاول روڊ مرزا موري اسٽاپ تي زمان اوٺو، افضل اوٺو ۽ عزيز اوٺو جي اڳواڻي ۾ اوٺا برادري جي ماڻھن نوجوان احمد اوٺو کي گرفتار ڪرڻ خلاف روڊ تي رڪاوٽون رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽  پوليس خلاف نعريبازي ڪئي ان دوران هڪ شخص اچي پاڻ کي فوجي اهلڪار سڏائي زبردستي روڊ کولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مڇريل ماڻھن کيس مارڪٽ ڪئي جنهن کان پوءِ نيوي جا چئن گاڏين ۾ سوار اهلڪار احتجاج واري هنڌ پهتا جتي ڳالهين دوران اوٺا برادري جي ماڻھن ۽ نيوي جي اهلڪارن وچ ۾ جهڙپ ٿي پئي، جنهن بعد نيوي جي اهلڪارن چئن ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوٺا برادري جي ڏنڊا بردار ماڻهن مزاحمت ڪري پنهنجي همراهن کي اهلڪارن کان ڇڏرائي ورتو ان دوران اوٺا برادري جي سردار قمر الزمان اوٺو ڊي ايس پي سجاول منور جهتيال ۽ ايس ايچ او چوهڙ جمالي شاهنواز اوٺو پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري گرفتار ڪيل نوجوان احمد اوٺو کي واپس ڪرڻ جي بنياد تي روڊ کولرائي احتجاج ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.