محرابپور ۾ شاگرد ۽ درزڪو ڪم سکندڙ سان بدفعلي، پيءُ جو احتجاج

محرابپور ( ن ع آ ) محرابپور ۾ پورھيت سراج الدين چنه جي ٻارنھن سالن جي پٽ ڇھين ڪلاس جي شاگرد ۽ درزي جو ڪم ڪندڙ ( ج ) سان مبينه بدفعلي وارو واقعو  پورھيت سراج چنه ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجو پٽ  اسڪول کان پوءِ درزي جو ڪم سکندو ھئو درزڪو ڪم سيکاريندڙ حمادالله چنو منھنجي پٽ ( ج ) کي مسلسل بدفعلي جو نشانو بڻايو منھنجو پٽ ايترو ته ڪمزور ٿي ويو آھي جو نماز پڙھڻ مھل مسجد ۾ ڪري پيو اھڙي حقيقت ماءُ کي روئيندي ٻڌائي ته حمادالله چنه مون کي مسلسل زيادتي ڪري ٿو،  اھڙو فرياد محرابپور پوليس اسٽيشن تي داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين ايس ايڇ او محرابپور مڪاني ادارن جي اليڪشن جو جواز ڄاڻائي واپس ڪري ڇڏيو، ھنن ايس ايس پي نوشھروفيرو کي اپيل ڪئي آھي ته مبينه  جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت عزت خاطر انتهائي قدم کڻندس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.