راڌڻ ڀرسان مال چاريندڙ 2 ٻارڙا سنڌو درياهه ۾ ٻڏي ويا، هڪ جو لاش هٿ

راڌڻ (ن ع آ)نئون ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ جاڙو ڪلھوڙو جي رھواسي بلاول ڪلھوڙو پٽ اسماعيل ڪلھوڙو عمر 13 سال ۽ سھيل ڪلھوڙو پٽ  لقمان ڪلھوڙو عمر 9 سال جا مال چارڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي وڃڻ دوران سنڌو درياءَ جي ڪپر تان سندن پير ترڪڻ سبب ٻئي معصوم ٻار سنڌو ڌرياءَ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا جڏھن ته ٻڏي ويلن ٻه معصوم ٻارن جي لاءِ سندن وارثن پاران پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪافي ڳولا بعد ھڪ معصوم ٻار بلاول پٽ اسماعيل ڪلھوڙو جو لاش سندن کي ھٿ اچي ويو آھي جڏھن ته ٻئي معصوم ٻار سھيل پٽ لقمان ڪلھوڙو جي لاش جي ڳولا جاري آھي ھوڏانھن علائقي جي ماڻھن ٻڌايو ته سنڌو درياه ۾ تيز وهڪرو ھجڻ ڪري لاش هٿ نه اچي سگھيو آھي جنھن جي ڳولا جاري آھي جڏھن ته معصوم ٻار بلاول ڪلھوڙو جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو معصوم ٻار جي امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا ھوڏانھن علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.