لاڙڪاڻي ۾ عورت جو پوٽي سميت مڙس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جي رهواسڻ عورت پنهنجي معصوم پوٽي سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي مڙس جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت فاطمه چانڊيو پنهنجي معصوم پوٽي زوهيب چانڊيو سان گڏجي دانهيندي چيو ته اسان اصل قمبر جي ڳوٺ غيبي ديرو جا رهواسي آهيون، 30 سال اڳ منهنجي شادي تعليم کاتي قمبرشهدادڪوٽ جي ننڍي ملازم اسحاق چانڊيو سان ٿي هئي، جنهن مان چئن پٽن جي اولاد آهي، جڏهن ته شادي جي 10 سالن کان پوءِ مڙس ٻي شادي ڪري مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن ڪري مان پنهنجي ٻارن سان گڏجي لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ مسواڙ جي گهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن چيو ته گهران نيڪالي ڏيڻ کان پوءِ مڙس اسحاق چانڊيو هر مهيني گهر جو چرخو هلائڻ لاءِ خرچ ڏيندو هو، پر گذريل 8 مهينن کان وٺي مڙس اسحاق چانڊيو گهر جو خرچ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي مڙس خلاف ڪاروائي ڪري مون کي پنهنجو حق ڏياري انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.