شهدادپور ۾ حقدارن جي آيل 2، 2 هزار رپين مان 500 رپيا ڪٽوتي

شھدادپور (ن ع آ)شھدادپور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام  جي آيل 2-2 ھزارن جي مھانگائي وظيفي مان ايڇ بي ايل ڪنيڪٽ شاپ جي آءِ ڊيون ھلائيندڙن ڊوائيس ھولڊرن پاران ھر مستحق عورت کان  3سو کان 5 سو  روپيا جبري ڪٽوتي ڪري 15سئو رپيا ڏيڻ واري مامري تان ايڇ بي ايل ڪنيڪٽ جي فرنچائيزر طرفان ڪٽوتي ڪندڙن جون آءِ ڊيون  بند ڪري ڊوائيس جا لنڪ ڊائون ڪري ڇڏيا، جنھن سبب مستحق عورتن کي پئسا نه ملڻ ڪري ايڇ بي ايل ڪنيڪٽ شاپن آڏو وڏي تعداد ۾  عورتن جا سڄو ڏينھن  ميڙ رھيا. شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ايڇ بي ايل ڪنيڪٽ جي آءِ ڊيون ھلائيندڙ ڊوائيس هولڊرن الزام مڙهيندي چيو ته شھدادپور تعلقي جو ايڇ بي سيل ڪنيڪٽ فرنچائيزر  اسان کان في آئي ڊي تي 25 هزار روپيه هر مهيني بنڊل جي صورت ۾ ڏيڻ جو چئي رھيو آھي اسان فرنچائيزر کي  پھريان 16-16 ھزار ڏينداھيا سين ھاڻي  فرنچائيزر 25 ھزار بنڊل جي صورت ۾ ھر آء ڊي واري کي ڏيڻ جو چئي ڌمڪائي چوي ٿو جنهن کي ڪم ڪرڻو آھي ته ڪري نٿو ڪري ته ڊوائس جمع ڪرائي. جيڪو نه ڪندو ته ان جي آءِ ڊيون بلاڪ ڪري ڇڏيون اٿس، هنن چيو اسان ڪٽوتي نه ٿا ڪريون اسان کي3 سو کان  5 سو روپين تائين ڪٽوتي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي، غريبن کي 2-2 هزار ملندا.انهن تي ڪهڙي ڪٽوتي ٿيندي اسان ڪٽوتي ڪري فرئنچائيزر کي بنڊل جي صورت ۾ ڏيون. ڪٽوتي ڪرڻ نه ڪرڻ جو اسان فرنچائيزر کي جواب ڏئي ڇڏيو ته ھن  اسان جون آئي ڊيون بند ڪري بلاڪ ڪري ڇڏيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.