ڪيارا آڏواڻي سڀني کي شادي ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا ڪيارا آڏواڻي چيو آهي ته سڀني کي شادي ڪرڻ گهرجي.

پنهنجي نئين فلم ”جگ جگ جيو“ جي مشهوري مهم دوران پريس ڪانفرنس ۾ اداڪارا کان شادي بابت سوال ڪيو ويو.

ڪيارا آڏواڻي چيو ته هيءَ فلم به رشتن جي باري ۾ آهي ۽ منهنجي خيال ۾ هتي سڀني جو مڃڻ آهي ته شادي هڪ خوبصورت رشتو آهي.

هن چيو ته منهنجي شادي ناهي ٿي پر مان خوش نصيب آهيان ته منهنجي اڳيان سڀني جون شاديون سٺيون هلي رهيون آهن.

ڪيارا ساٿي اداڪار جو حوالو ڏيندي چيو ته خاص طور تي ورون ڌون، جيڪو تازو ئي ان ٻنڌڻ ۾ ٻڌو آهي، ورون کي يقين نه هو ته ان جي به ڪڏهن شادي ٿيندي، جڏهن ته ان جي ڀرپاسي ۾ موجود سڀني ماڻهن کي لڳندو هو ته ان جي شادي ٿي ويندي.

سندس چوڻ هو ته شادي هڪ خوبصورت رشتو آهي، سڀني کي ڪرڻ گهرجي، شادي به ڪرڻ گهرجي ۽ ڪم به ڪرڻ گهرجي، زندگي ۾ گهڻو ڪجهه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.