ڪراچي (ويب ڊيسڪ) توانائي بحران کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي گهرو کاتي هڪ ٻيو ترميمي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ترميمي ۽ وضاحتي نوٽيفڪيشن ۾ عوام کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڪسٽمرز سپورٽ سينٽرن، ڪال سينٽرن، ڪوريئر سروسز، ٽائر شاپس تي پابندي لاڳو نه ٿيندي، جڏهن ته سافٽ ويئر ڊويلپمينٽ، ايمبولينس اسٽيشنز ۽ بس اڏا به پابندي کان آجا هوندا.
گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن ۾ ننڍيون مارڪيٽون رات 9 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکيو ويو آهي.