انٽر ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جا نوان رڪارڊ، رپيو ڪمزور

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو ريٽ 211.48 ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 215 رپين تائين پهچي ويو.

اسٽيٽ بئنڪ طرفان درآمدي ادائيگين جي رپورٽنگ وڌيڪ سخت ڪندي هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ درآمدن جي ادائيگين لاءِ 24 ڪلاڪ اڳ مرڪزي بئنڪ کي آگاهه ڪرڻ ۽ ناڻي واري وزير طرفان آءِ ايم ايف پروگرام ۾ هڪ ٻه ڏينهن ۾ شامل ٿيڻ جي دعويٰ باوجود ناڻي جي مٽاسٽا جي مارڪيٽن ۾ اڱاري تي ٻئي ڏينهن به ڊالر جي اڏام نه بيهي سگهي پر ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.

اڱاري تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ هڪ موقعي تي 213 رپين کان به ٽپي ويو هو پر ڪاروباري دورانيي جي وچ ۾ ڊمانڊ گهٽجڻ سان ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ واڌ رڪجي وئي.

نتيجي ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو قدر وڌيڪ 1.52 رپين جي واڌ سان 211.84 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي بند ٿيو.

اهڙي ريت اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ به ڊالر جو قدر ٻه رپين جي واڌ سان 215.50 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي بند ٿيو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومتي بيانن کي سنجيده نه پيو ورتو وڃي، جنهن سان مٽاسٽا جي مارڪيٽن ۾ اعتماد جي کوٽ جي واضح نشاندهي ٿي رهي آهي ۽ مارڪيٽ ۾ اهي افواهه به پکيڙيا پيا وڃن ته ڊالر 238 رپين جي سطح تائين پهچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.