پاڻي ۾ رهڻ سان هٿ ڪراڙن جهڙا ڇو ٿي ويندا آهن؟

جيڪڏهن اوهان هٿن يا پيرن کي ڪجهه دير لاءِ پاڻي ۾ رکو ته ڪراڙن جهڙا ٿي ويندا آهن.

هٿن ۽ پيرن جي هموار سطح تي لڪيرون ظاهر ٿي پونديون آهن جسم جي عضون تي اهو فرق ڇو ناهي پوندو؟

ان سوال جو جواب سائنسدان ڏهاڪن کان ڳولي رهيا هئا ۽ هاڻي هنن تحقيقن مان اندازا لڳايا آهن.

سائنسدانن جو خيال هو ته پاڻي چمڙي جي مٿين تهن مان گذري معمولي سوڄ جو سبب بڻجي ٿو پر هاڻي سندن چوڻ آهي ته ائين امڪاني طور تي رت جون ناليون سوڙهيون ٿيڻ سبب ٿيندو آهي.

جڏهن اوهان هٿن يا پيرن کي پاڻي ۾ ٻوڙيو ٿا ته اهو جو جسم رت جي نالين کي سوڙهو ٿيڻ جو پيغام ڏئي ٿو.

ان پيغام تي رد عمل ظاهر ڪندي جسم انهن حصن لاءِ رت جي فراهمي وٺي ٿو جنهن رڳون سوڙهيون ٿين ٿيون ۽ چمڙي انهن جي چوڌاري ڦري وڃي ٿي جنهن سان لڪيرون ٺهي وڃن ٿيون يا هٿ ڪراڙا ٿي وڃن ٿا.

اهو واضح ناهي ته ان جو سبب ڇا آهي پر سائنسدان چون ٿا ته اهو انساني ارتقا جو نتيجو آهي ته جيئن اسان آلن هٿن باوجود شين کي پڪڙڻ لاءِ پڪڙ کي مضبوط رکي سگهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.