ڏندن تي ڄميل ميرٽ ۽ ٺڪريون صاف ڪرڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

ڏندن جي باقاعدگي سان صفائي نه ٿئي ته ٺڪريون يا ڏندن ۽ مهارن تي ميرٽ ڄمي ويندي آهي جنهن کي روڪڻ تمام سولو آهي.

کاڌو کائڻ سان وات ۾ موجود بيڪٽيريا کاڌي ۾ موجود ڪاربوهائيڊريٽس کي ٽڪرا ڪري ايسڊ ۾ تبديل ڪري ٿي جيڪا کاڌي جي ذرن سان ملي ٿي ته پلاٽ ٺهي وڃن ٿا.

ڏندن کي باقاعدگي سان برش ڪرڻ سان صفائي ٿيندي رهي ٿي پر ڄمي ويل ڦڪاڻ پوءِ به صاف ناهي ٿيندي ۽ ان جي صفائي لاءِ ڊاڪٽر جو منهن ڏسڻو پئجي ويندو آهي.

جيڪڏهن اوهان ڏندن جي اهڙي مسئلن کان بچڻ چاهيو ٿا ته هيٺ ڏنل ڪجهه سولا طريقا گهر ۾ ئي آزمائي سگهو ٿا.

ڏندن سٺي ريت صفائي

ماهر ڊاڪٽر چون ٿا ته فلورائيڊ ٽوٿ پيسٽ سان روزانو ٻه ڀيرا برش ڪجي ۽ خلال (ڏندن جي صفائي ڪرڻ واري تيلي يا ڌاڳو) جو به استعمال ڪجي ڇو ته جن جاين تي برش نٿو پهچي سگهي اتي اوهان خلال جي مدد وٺي سگهو ٿا.

برش ڪرڻ ۽ خلال کانپوءِ مائوٿ واش سان غرڙيون ڪريو، عام طور تي مائوٿ واش ۾ فلورائيڊ هوندي آهي.

بيڪنگ سوڊا سان برش ڪريو

بيڪنگ سوڊا برش ڪرڻ ۽ ڏندن تي ڄميل ميرٽ لاهڻ لاءِ سولو ۽ اثرائتو طريقو آهي، بيڪنگ سوڊا ڏندن جي سطح کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ انهن تان ڄميل ميرٽ هٽائي ٿي.

تحقيقن موجب بيڪنگ سوڊا واري ٽوٿ پيسٽ ٻين پيسٽس کان اثرائتي ثابت ٿئي ٿي.

ناريل جي تيل جون غرڙيون

تيل سان غرڙيون ڪرڻ بيڪٽيريا جي صفائي ۽ وات جي صحت لاءِ بهتري جو ذريعو آهي.

ناريل جو تيل ان حوالي سان بهترين آهي ڇو ته ورم ڪش ۽ اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀرپور هوندو آهي جڏهن ته هن ۾ لارڪ ايسڊ ب هوندو آهي جيڪو جيوڙا مارڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

ان لاءِ اوهان کي هڪ چمچو ناريل جو تيل گرم ڪري 5 منٽن جي غرڙي ڪرڻ گهرجي.

رنڊ روڪ

ميرٽ کي ڏندن تي ڄمي وڃڻ کان بچڻ لاءِ روزانو هڪ ڀيرو خلال ۽ ٻه ڀيرا فلورائيڊ ٽوٿ پيسٽ سان برش ڪريو ان کانسواءِ ڏندن کي چيڪ ڪندا رهو جيئن صفائي ۾ ڪا ڪمي نه رهجي وڃي.

ان ڏس ۾ ڊاڪٽر وات جو معائنو ڪري ڏندن جي حالت ۽ مرضن جون علامتون ڏسي ٻڌائي سگهن ٿا ۽ مدد ڏئي سگهن ٿا.

غذائي تبديليون به ان ۾ مددگار آهن جيئن تيزابي غذائن جو استعمال گهٽائجي.

ڪوڪيز، ڪيڪ، ٽافيون، ڏندن جي سطح تي ڄمندڙ مٺيون غذائون، جيئن اڇي ڊبل روٽي، پٽاٽن وارا چپس ۽ ڪجهه خشڪ ميوا به ميرٽ ڄمائين ٿا جن کي گهٽائي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.