ڀٽ شاهه: ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، وڏي وزير جي ڀيڻ سميت چار ڄڻا زخمي

ڀٽ شاهه ( ويب ڊيسڪ ) ڀٽ شاهه لڳ قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڀيڻ سميت  چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين کي هالا اسپتال نيو ويو آهي، جتي کين طبي امداد ڏئي ڪراچي روانو ڪيو ويو آهي .

پوليس موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڀيڻ ڊاڪٽر سراج النساءَ پنهنجي ڪٽنب سان لاڙڪاڻي کان ڪراچي وڃي رهي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.