دانيا ملڪ خلاف ڪارروائي جي درخواست تي اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت عامر لياقت جي ٽين گهرواري دانيا ملڪ خلاف سائبر ڪرائم تحت ڪارروائي جي درخواست تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ڏکڻ ڪراچي ۾ دانيا ملڪ خلاف سائبر ڪرائم تحت ڪارروائي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايف آءِ اي سائبر ڪرائم جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 6 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

واضح رهي ته سماجي تنظيم دانيا ملڪ خلاف عدالت ۾ درخواست ڏني آهي ته عدالت ايف آءِ اي کي دانيا خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي.

درخواست گذار جي وڪيل عامر جميل جو چوڻ آهي ته دانيا، عامر لياقت جون نازيبا وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سندس خلاف ڪارروائي ڪري.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته دانيا سڄي دنيا ۾ پاڪستاني عورتن جي عزت مجروح ڪئي آهي، دانيا جي ان حرڪت سان پاڪستاني عورتن جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو آهي، معمولي تڪرار تي نازيبا وڊيوز وائرل ڪرڻ تي دانيا کي سزا ملڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.