هونڊا طرفان ٽن ڦيٿن وارو انوکو فولڊ ايبل اليڪٽرڪ اسڪوٽر پيش

هونڊا هڪ ٽن ڦيٿن وارو انوکو فولڊ ايبل اليڪٽرڪ اسڪوٽر پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اسٽريمو نالي هي اسڪوٽر 2022ع آخري ٽه ماهي ۾ واهپيدارن لاءِ موجود هوندو.

اسڪوٽر کي ڪجهه مفاصلي واري سفر جهڙوڪ گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر لاءِ بهترين قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ ڪجهه انوکا فيچر پڻ موجود آهن.

اهڙي قسم جي اسڪوٽر ۾ عام طور ٻه ڦيٿا هوندا آهن پر هن ۾ ٽيون ڦيٿو توازن برقرار رکڻ لاءِ ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري وڌيڪ رفتار هئڻ باوجود اسڪوٽر جو توازن نه بگڙندو ڇاڪاڻ ته ان لاءِ سيلف بيلنسنگ ميڪنزم کي سواري جو حصو بڻايو ويو آهي.

25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هي اسڪوٽر سنگل چارج ۾ ٽيهه ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪندو.

ڪمپني اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته 20 ڪلو گرام وارو اسٽريمو اسڪوٽر ماڻهن تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڇاڪاڻ ته هن کي پارڪ ڪرڻ جو مسئلو به ناهي، بس فولڊ ڪري پاڻ سان گڏ ڪٿي به کڻي وڃي سگهوٿا.

هي اي اسڪوٽر سڀ کان پهريان جاپان ۾ وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد ٻين ملڪن ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڪمپني پاران اڃا تائين قميت ۽ فيچرن بابت مڪمل تفصيل ظاهر ناهن ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.