”نيب جوابدارن کي نيب ۾ وجهندو آهي ۽ ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي بري ٿي ويندا آهن“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب جوابدارن کي پڪڙي جيل ۾ وجهي ڇڏيندو آهي ۽ اهي نيب ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي عدالتن مان بري ٿي ويندا آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ نيب جي مختلف ڪيسن ۾ جوابدارن جي ضمانت رد ٿيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن جي ٽرائل ڪورٽ مان بريت سان ضمانت رد ٿيڻ جون اپيلون غير اثرائتيون ٿي چڪيون آهن.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جوابدار عدالت مان ڪڏهن بري ٿيا؟ ڇا احتياب عدالتن مان جوابدارن جي بريت جو نيب وٽ حساب ڪتاب آهي؟

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته نيب جوابدارن کي پڪڙي جيل ۾ وجهي ڇڏيندو آهي ۽ نيب ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار عدالتن مان بري ٿي ويندا آهن.

عدالتي پڇاڻي تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب بيورو آفيسن ۾ جوابدارن جو سمورو رڪارڊ رکيو ويندو آهي.

پوءِ عدالت نيب کان احتساب عدالتن مان جوابدارن جي بريت جي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.