ڀان سيد آباد ۾ رند برادري جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

ڀان سيد آباد ۾ ٻن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.

رند برادري طرفان انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهه ڏئي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي وئي.

12 ڏينهن اڳ گهٽيءَ جي لنگهه واري معاملي تان محمد رجب ۽ جمن رند مارجي ويا هئا.

مظاهرين وزير رند، آفتاب، بشير ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪيس داخل ڪرائڻ کي 12 ڏينهن گذري چڪا آهن پر پوليس قاتلن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.

پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي خاطري ڪرائي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويو ويندو جنهن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.