حڪومت عوام کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بجلي ٽيرف ۾ 7 رپيا 99 پئسا في يونٽ واڌ جي فيصلي کي ملتوي ڪيو ويو.

وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جوڙي ڏني، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ايڪنڪ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.

وفاقي ڪابينا سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته وزيراعظم فيٽف معاملي تي پاڪ فوج، لاڳاپيل وزارتن آفيسرن کي مبارڪباد ڏني ۽ سندن ڪردار کي ساراهيو، گڏوگڏ انڊونيشيا مان پام آئل گهرائڻ تي لاڳاپيل اختيارين کي شاباش ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.