ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ طوفاني برساتون، فوتين جو انگ سئو کان وڌي ويو، ڪروڙين ماڻهو متاثر

ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ تازين طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي هنيئر تائين فوتين جي انگ سئو کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻوڏ ۾ ڦاٿل لکين متاثر خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ هينئر تائين هزارين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، بنگلاديش جو شهر سهلٽ ۽ ڀارتي رياست آسام سڀ کان وڌيڪ نقصان رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

رپورٽن موجب شديد برساتن ۽ طوفان سبب متاثر ٿيندڙن جو انگ ڪروڙن تائين پهچي ويو آهي، يونيسيف موجب ٻوڏ صورتحال سبب بنگلاديش جي اتر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه لک ماڻهن سان زميني رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو آهي.

موسمياتي ماهرن موجب گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران چوماسي جي تازي سيزن ۾ هنيئر تائين رڪارڊ ڪئي ويندڙ سڀ کان وڏي طوفاني برساتون پيون آهن. ماحولياتي تبديلي سبب برساتن ۽ ٻوڏ جي شدت ۾ اضافي ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.