هڪ ٽنگ تي نٿا بيهي سگهو ته سنگين نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهو

جيڪڏهن اوهان کي هڪ ٽنگ تي بيهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي ته اها رڳو جسماني فٽنس ۾ کوٽ نه پر ڪنهن سنگين طبي مسئلي جي هڪ نشاني پڻ ٿي سگهي ٿي.

وچولي عمر وارا ماڻهو جيڪڏهن هڪ ٽنگ تي 10 سيڪنڊن تائين توازن برقرار نه رکي سگهن ته انهن ۾ ايندڙ ڏهن ورهين ۾ ڪنهن به بيماري ذريعي موت جا امڪان ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندا آهن.

برٽش جرنل آف اسپورٽس ميڊيسين ۾ شائع ٿيل تحقيق ۾ آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا، فن لينڊ ۽ برازيل جي ماهرن 12 ورهين تائين جسماني توازن ۽ موت وچ ۾ تعلق جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي.

ماهرن موجب جيتوڻيڪ تحقيق مشاهداتي هئي ۽ ڪنهن ڪارڻ جو تعين نه ٿي سگهيو پر نتيجا حيرت جوڳا هئا.

تحقيق ۾51 کان 75 سالن جي عمر جي 1702 فردن کي شامل ڪيو ويو ۽ 2008 کان 2020 تائين سندن صحت جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق جي شروعات ۾ رضاڪارن کي بنا سهاري جي هڪ ٽنگ تي 10 سيڪنڊن تائين بيهڻ جو چيو ويو.

ان موقعي تي هر 5 مان هڪ شخص ( 21 سيڪڙو ) ٽيسٽ ۾ ناڪام رهيو، ايندڙ 10 ورهين دوران ان ڌڙي جي 123 ڄڻن مختلف ڪارڻن سبب لاڏاڻو ڪري ويا.

سمورن عنصرن ( عمر، جنس ۽ پهريان کان ڪنهن بيماري جو شڪار ٿيڻ وغيرا) کي ڌيان ۾ رکڻ کانپوءِ محققن پتو لڳايو ته هڪ ٽنگ تي 10 سيڪنڊن تائين بيهڻ ۾ ناڪامي سان ايندڙ ڪجهه ورهين ۾ ڪنهن به سبب موت جو خطرو 84 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.

تحقيق ۾ شامل ماهرن چيو ته نتيجن موجب سان صلاح ڏينداسين ته وچولي عمر وار ماڻهن جي معمول جي طبي معائني ۾ توازن جي ٽيسٽ کي به شامل ڪيو وڃي، مسلز جي مضبوطي ۽ جسماني لچڪ جي ابتڙ جسماني توازن زندگي جي ڇهين ڏهاڪي تائين درست رهندو آهي، جنهن کانپوءِ اها متاثر ٿيڻ لڳندي آهي.

پر اڃا جسماني توازن کي صحت جي معائني لاءِ استعمال ناهي ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان ڪا به ٽيسٽ موجود ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.