پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاران ايمپاورمنٽ وومن انجنيئرس جي تقريب

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي عورت انجنيئرس کي همٿائڻ ۽ برسر روزگار ڪرڻ لائي جوڙيل پي اي سي وومن انجنيئرس ڊيولپمينٽ سب ڪميٽي ڊبليو اي ڊي ايس سي پاران هوٽل ۾ ايمپاورمنٽ وومن انجنيئرس جي تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ سول انجنيئرنگ، مڪينيڪل انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر، سافٽ ويئر، اليڪٽرانڪس سميت هر شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورت انجنيئرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، تقريب جو مهمان خاص انجنيئر نجيب هارون خطاب ڪندي چيو ته اڄ مقابلي جو دور اهي عورتن کي همٿائن بابت هي پروگرا رٿيو ويو آھي  ملڪ جي اڌ آبادي عورتن جي آھي کين روزگار سميت هر شعبي ۾ برابري ملڻ گهرجي بلڪ عورتون، نياڻيون هن شعبي ۾ نمايان طور ڪارڪردگي ڏيکاري رهيون آھن، سندس چوڻ هو ته اسان کي اهو بهبطئي ڪرڻو پوندو ته نياڻيون پڙهي ڊگريون وٺي گهر نه ويهڻ بلڪ هو پنهنجي ڊگري جو استعمال ڪن جيئن اهي ضايع نه ٿين ۽ آهي ملڪ قوم لائي استعمال ٿي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن، نجيب هارون چيو ته هن وقت ملڪ جن حالتن ۾ آهي ان لائي انجنيئر وڏو ڪم ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪري بهتري ڪري سگهن ٿا، تقريب کي اڳوڻي چيئرمين واپڊا راغب حسين شاه خطاب ڪندي چيو ته عورتن ۽ مردن جي ڪم ۾ وڏو فرق هجي ٿو اگر عورتون انجنيئرنگ جي شعبي ۾ اڳتي اچڻ ته سندن لائي سٺا موقعا ميسر ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته عورتن هر شعبي ۾ پاڻ مڃايو آهي، انجنيئرنگ جي شعبي ۾ سندن واڌ سان مقابلي جو رجحان به وڌيو آهي، هن ڪم ۾ اهڙا شعبا آهن جو هو گهر ويٺي به پنهنجي ڪم سان جڙيل رهي سگهن ٿيون، اڳوڻي چيئرمين پي اي سي عبدالقادر شاہ ٻڌايو ته هن وقت ملڪ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ عورتن جو انگ 4.9 آهي جنهن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، هن وقت تائين سنڌي عورت انجنيئرن بابت سروي ته موجود ناهي پر جنهن جه يونيورسٽي ۾ هو ليڪچر ڏيڻ وڃي ٿو ته اتي هاڻ نياڻين ڪو ڳچ نمبر ڏسجي ٿو جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته نياڻيون به هن شعبي کي پنهنجي ترجيح ۾ شامل ڪري رهيون آهن اڳ اهو تاثر هوندو هئو ته عورت فقط ڊاڪٽري يا صحت جي شعبي سان ئي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿي هاڻ ان صورتحال ۾ تبديلي اچي رهي آهي، ڪراچي يونيورسٽي جي ڪيميڪل انجنيئرن شعبي جي سربراہ ڊاڪٽر شگفته اشتياق چيو ته جڏهن هنن تعليم حاصل ڪئي ته ان وقت عورتون انجنيئرنگ جي شعبي ۾ نه هجڻ برابر هيون مون ذاتي طور خود ڪيترن ڪارخانن ۾ ڪيميڪل انجنيئر طور ڪم ڪيو آهي، ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيميڪل انجنيئرنگ جي شعبي جو بنياد به پاڻ رکيو آهي هوءَ عورتن کي صلاح ڏيندي ته جو انجنيئرنگ جي شعبي ۾ اڳتي اچڻ کين ڪيترا اهڙا شعبا ملندا جن ۾ هو گهر به سنڀالي سگهنديون ۽ پنهنجو ڪم به ڪري سگهن ٿيون ڊاڪٽر خديجه جو چوڻ هو ته اچ سافٽ ويئر اليڪترانڪس، ڪمپيوٽر سميت اهڙا شعبا آهن جيڪي عورتن لائي آسان ٿي سگهن ٿا ۽ هو گهر به هلائي سگهن ٿيون ۽ ڪم سان روزگار به حاصل ڪري سگهن ٿيون، مهراڻ يونيورسٽي جي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي سربراہ ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو جو چوڻ هو ته اهو چوڻ ته عورتون جاب ڪرڻ سميت ڪنهن شعبي ۾ ڪم نٿيون ڪري سگهن پر کيس ان قسم جي ڪا صورتحال پيش نه آئي جيڪو تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو اهو ڪم به ڪري سگهي ٿو مون پنهنجي شعبي ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي هوءَ سمجهي ٿي ته نياڻيون اڳتي اينديون ته کين انجنيئرنگ ۾ نوان دڳ ملندا ڇو ته عورت جبل چڙهي پار ڪري سگهي ٿي ته هن لائي ڪو مشڪل مرحلو پار ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي هن دور ۾ انجنيئرنگ ۾ ڪيترا نوان رستا ميسر آهن جن سان عورتن لائي گهڻو ڪجهه آسان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.