روهڙي جي ڳوٺن ۾ سهولتن جي کوٽ. رهواسين جو ٻارن سيمت احتجاج

روھڙي (رپورٽ : عبدالجواد عباسي ) روهڙي جي يو سي علي واھڻ ماڙي منڊو ديرو ڀرسان رھندڙ ڳوٺ خرم خان جاگيراڻي جي رھواسين ،راضي خان جاگيراڻي، عرس محمد، عبدالواحد، رئيس خان، علي شير جاگيراڻي، ۽ ٻينمعصوم ٻارڙا ساڻ ڪري بنيادي صحولتون نه ھجڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ خرم خان جاگيراڻي قديمي ڳوٺ آھي جيڪو جنھن سوين گهرن تي مشتمل آهي ۽ اسان سڀ سالن کان  پ پ کي ووٽ ڏيندا آھيون ان باوجود اسان جي ڳوٺ کي پارٽي طرفان نظر انداز ڪندي ڪا به بنيادي صحولت ناهي ڏني وئي رستو بجلي صحت توڙي تعليم جي ڪا به صحولت موجود نه آهي جنهن ڪري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته اسڪول نه ھجڻ ڪري اسان جو نوجوان نسل ناهي پڙهي سگهيون پر اسان جا ننڍا ٻارڙا سوين ٻارڙا ۽ نياڻيون تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آهن، اليڪشن جي دور ۾ ھر دفعي چونڊيل نمائندا ڪوڙا دلاسا ڏئي اسان کان ووٽ وٺي ويندا آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ جيڪڏھن اسان کي بنيادي صحولتون نه ڏنيون ويون ته احتجاجن اسان جي علائقي جو ڪو به ماڻهو ووٽ ڏيڻ لاءِ گھر کان ٻاهر نه نڪرندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.