نوابشاهه ۾ ڀيڻ جي زيادتين خلاف ڀائرن جو احتجاج

نوابشاھ(بيورو رپورٽ) نوابشاھ ڀرسان ڳوٺ جئيدو ميراسي جي رهواسين ڀائرن غلام نبي ميراسي اسد ميراسي ۽ غلام رضا جو پنھنجي سڳي ڀيڻ غلام صغران خلاف نواب شاھ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ان موقعي تي انھن دانھندي چيو ته اسان اڻ ۾ ست ڀائر آھيون ھنن چيو ته اسان جي ڀيڻ اسان کان زمين جو حصو گهري رهي آهي.جڏهن ته اسان وٽ ڪا زمين آهي ئي ڪون جڏھن ته ڪجھ سال اڳ اسان جي ماء مسمات سوڍي ڪري پئي ھئي جنھن جي تڪليف کان پوء پنھنجي موت پاڻ فوت ٿي وئي ھئي جنھن جو ڪوڙو الزام ھڻي اسان جي ڀيڻ غلام صغران ۽ ان جا پٽ اسان تي ڪوڙا ڪيس ڪري تنگ ڪري لکين روپيا گهري رهيا آهن ھنن چيو ته اسان جي ڀيڻ 30 سال اڳ پنهنجي مرضي سان ڌارين ۾ شادي ڪئي هئي جنهن بعد ان سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آهي انھن ايس ايس پي امير سعود مگسي ۽ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.