لاڙڪاڻي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ، ٽائرن کي باهه، سيپڪو خلاف ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نيو بس اسٽينڊ جي دڪاندارن 15 ڏينهن کان بجلي بند ٿيڻ خلاف روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سيپڪو خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي گيريج، ليٿ مشين ۽ ٻين دڪاندارن عابد سولنگي، عرفان علي، خليل کوسو، عاشق علي شاھ ۽ ٻين دانهيو ته 15 ڏينهن اڳ واپڊا وارا ٽرانسفارمر لاهي کڻي ويا جيڪو ٽرانسفارمر اڄ ڏينهن تائين لڳي نه سگهيو جنهن ڪري اسان بجلي کان محروم آهيون، بجلي بند ٿيڻ جي ڪري اسان جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ سخت گرمي جي ڪري اسين ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهيون بجلي نه هئڻ جي ڪري گراهڪ نه پيا اچن ۽ اسان جا گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن مطالبو ڪيو ته لاٿل ٽرانسفارمر لڳائي بجلي فراهم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.