جيڪب آباد ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ، ٽائرن کي باهه، ڌرڻو

جيڪب آباد (ڊر ) جيڪب آباد جي بولان محلي جي رهائشين جو بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو مڇريل مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون انهي موقعي تي انهن جو چوڻ هو ته لائين مين شوڪت ڪٽبار رشوت وصول ڪري پيو، گذريل چار ڏينهن کان اسان جي بجلي ناهي ٻار ۽ عورتون گرمي ۾ تڙپي رهيا آهن اسان جا بل به ڪليئر آهن پر ڪرپٽ لائين سپريڊنٽ رشوت نه ڏيڻ تي ايل ٽي لاهي ڇڏيون آهن مظاهرين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته هو نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.