چيئرمين امير ڀنڀرو جي گھر تي چڙهائي جي مذمت ڪيون ٿا;رمضان بليدي

گڏاپ (ن ع آ) پارٽي چيئرمين امير ڀنڀرو جي گھر تي رياستي ادارن جي چڙھائي مذمت جوڳو عمل آھي، جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، جڏھن ته ادارن کي خبر آھي ته امير ڀنڀرو موجود ناھي ان جي باوجود به ادارا سندس گھر تي چڙھائي ڪري ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاھين، ڇا چڙھائين ۽ ڌمڪائڻ توڙي حراسان ڪرڻ سان اسان کي پنھنجي مقصد وسيلن جي ڦرلٽ برابري ۽ سراسري جي بنياد تي حق گھرڻ جي لاءِ پر امن جدوجھد ڪرڻ تان ھٽائي سگھندا، اھڙي خيالن جو اظھار سنڌ نيشنل پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي، امير قمبراڻي، علي بخش مگسي، بلاول ڏاھري، نصراللھ ابڙي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسان پنھنجي وسيلن جي مالڪي سنڌ جي خوشحالي لاء پرامن جدوجھد ڪري رھيا آھيون جيڪا آخري دم تائين جاري رھندي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڇا امير ڀنڀري جو اھو ڏوھ آھي ته ھو سنڌ جي وسيلن جي مالڪي سنڌ جي خوشحالي لاءِ آواز اٿاري رھيو آھي، برابري ۽ سراسري جي بنياد تي سنڌين جي حقن جي گھر پيو ڪري، ڇا اھو ڏوھ آھي، جيڪڏھن اھو ڏوھ آھي ته اھڙو ڏوھ سنڌ جو ھر ھڪ غيرتمند پٽ ڪندو رھندو، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته رياست ڪيتري به ڪوشش ڪري پر امير ڀنڀرو ۽ ان جي پارٽي پنھنجي ڌرتي جي مالڪي ۽ قوم جي خوشحالي پنھنجي حقن لاءِ پنھنجي پر امن جدوجھد جاري رکندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.