پيرڳوٺ ۽ ڀرپاسي سخت گرمي، پورهيت فوت

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) پيرڳوٺ ۽ آس پاس جي گرمي جي سخت لهر پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن ته ڳوٺ فتح الله گهمرو ۾ پورهيت قادر بخش عرف انور علي مير بحر انبن جي باغ تي ڪم ڪري رهيو هو ته کيس سخت گرمي سبب اٽيڪ پوڻ ڪري موقعي تي فوت ٿي ويو. ٻين پورهيتن جي پهچڻ تي پورهيت جو لاش گهر آندو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان ڏس ۾ فوتي پورهيت جي وارثن جو چوڻ آهي ته پورهيت قادر بخش ميربحر انبن جي باغ تي ڪم ڪري رهيو هو ته کيس گرمي لڳي جنهن ۾ هوُ فوت ٿي ويو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.