ڪينجهر ڀرسان نوجوان جي گرفتاري خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو

سونڊا (ن ع آ) ڪينجھر ٿاڻي جي حد علي بحر واهه ويجهو  انبن سان ڀريل سوزوڪي ڦر  ٿيڻ واري ڪيس جي جاچ ۾ پوليس شڪ جي بنياد تي تارا برادري جي معزز وڏيري احمد خان تارو جي پٽ لطيف تارو کي گرفتار ڪرڻ خلاف تارا برادري جي مردن ۽ عورتن ٻارڙن سان گڏ قومي شاھراھ  تي تارا اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھڻي ڪيترن ڪلاڪن تائين ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏي.ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سندن نوجوان لطيف تارو بيگناھ آھي، جنھن کي ڪينجھر پوليس گرفتار ڪري ناانصافي ڪئي آھي. ھنن گھر ڪئي ته جيستائين سندن نوجوان آزاد نه ٿيندو، تيستائين سندن احتجاج جاري رھندو. ان موقعي تي ھيلايا برادري جي معزز حاجي سليمان ھيلايو، شاھجھان ھيلايو، وڏيرو انور ٺينگو مظاھرين وٽ پھچي ڳالھيون ڪري مسئلي جي حل جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيو، ٻئي طرف  ڪينجهر پوليس جو چوڻ آهي ته لطيف تارو کي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.