چئوماسي جون برساتون ۽ اڳواٽ انتظامن جي تياري جو سوال

موسميات کاتي پاران  سنڌ ۾ چوماسي جي پهرين برساتن جي اڳڪٿي ڪندي ان بابت لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جنهن موجب 21 جون کان 22 جون تائين  سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي، تاحال ملڪ جي ٻين علائقن ۾ آيل برسات ۽ ان دوران اتي ٿيل نقصان سبب سنڌ جي عوام ۾ هڪ طرح جو ڊپ موجود آهي.

سموري دنيا ۾ موسمياتي تبديلن جي ڪري گهڻن ڏينهن تائين  برسات جي وسڻ ۽ ان جي وسڪاري ۾ شدت هئڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن،ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن ته عالمي سطح تي گرمي درجو وڌيو آهي جنهن ڪري هڪڙي پاسي جبلن تي موجود برفاني ڇپون ڪنهن به وقت ڊهي سگهن ٿيون ته ٻئي پاسي وري گرمي جي ڪري زمين تي موجود پاڻي جو گهڻو مقدار بخارات ٿي ڪري مٿي اٿي رهيو آهي، جنهن سان برسات پوندي ۽ وري ان جي ڪيفيت شدت واري هوندي.

ڪجهه وقت کان سموري سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جون دانهون ٿي رهيو هيون جنهن ڪري برسات پوڻ تي هر ڪنهن کي خوش ٿيڻ گهرجي پر برسات مان سنڌ جي بئراجي علائقن واري زمين کي شايد هنن برساتن مان فائدو گهٽ ٿئي بلڪه ڪن حالتن ۾ ان علائقي جي هارين ۽ زميندارن کي نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي، ها برابر باقي سنڌ جي ڪوهستان،ڪاڇي، ٿر ۽ انهن علائقن ۾ جتي ماڻهن جو گهڻو دارومدار برسات تي آهي انهن علائقن جي ماڻهن ۽ جانورن کي فائدو رسندو.

موسميات کاتي پاران جاري ڪيل الرٽ ۾ صرف ايتري پڌرائي ڪيل آهي ته هنن برساتن جي لاءِ وسطيدار ادارن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن. موسميات کاتي جي ايڊوائزري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۽ سنڌ جي راڄڌاني  ڪراچي ۾ 21 کان 22 جون تائين تيز هوائون هلنديون، طوفان ايندا ۽ کنوڻ سان برسات پوندي.جن شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي انهن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، شهيد بينظير آباد، دادو، ڄامشورو ۽ حيدرآباد شامل آهن.

بدقمستي سان اسان وٽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ بابت نه رڳو ڪا گهڻي آگاهي نه آهي بلڪه قدرتي آفتن جي سنڀال بابت ڪم ڪندڙ اختياري هڪ  اهو ته اهڙو کاتو آهي جنهن کي لڪيل کاتو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن مان ماضي ۾ قدرتي آفتن جي صورت ۾ ايندڙ عالمي امداد مان  هر دور جي چالاڪ ماڻهن ڪامورن جي مهرباني سان پنهنجو گهر پڻ ڀريو آهي، تنهنڪري انجي سڌاري ۽ واڌاري بابت ڪو گهڻو ڪم نه ٿيو آهي.جنهن سان عوام ان جي ڪارڪردگيءَ کان واقف هجي ۽ ان کي قدرت پاران ايندڙ ڪنهن به آفت جي صورت ۾ پنهنجي لاءِ ڀرجهلو سمجهندو هجي.

برساتن دوارن ٿورو کن ڪم سنڌ جي آبپاشي کاتي جو به هوندو آهي پر ذڪر ڪيل کاتي بابت پڻ عوام وٽ گهڻا ئي اعتراض ۽ خدشا موجود آهن، اڳي ته موسميات کاتو ايترو متحرڪ نه هوندو هو پر هاڻي جڏهن اڳواٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته ان سان اها توقع ڪجي ٿي ته آبپاشي کاتو به سرگرم هوندو ۽ ڪنهن خطري واري ۽ گهڻي برسات جي صورت ۾ ننڍن وڏن واهن جي سار به لهندا ۽ انهن جي بندن جي جاچ ڪري اجائي وسڪاري ٿيڻ تي انهن واهن جا منهن يا منڍ پڻ بند ڪندا.

ڪنهن به قدرتي آفت اچڻ جي صورت ۾ پهريون ڪم پنهنجي علائقي جي ڍانچي جي پوري جاچ ڪرڻ ۽ ان کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ جي ضروت هوندي آهي اهو ڪم اڳواٽ ڪرڻ جو هوندو  آهي، ان بعد امڪاني طور متاثر ٿيندڙ جي ريسڪيو جو ڪم هوندو آهي ان کانپوءِ وري وارو اچي ٿو متاثرن جي بحالي جو.

اهي سمورا ڪم هتي نالي ماتر ضرور ٿين ٿا پر هر معاملي جيان هن شعبي سان به سياسي مداخلت جو مسئلو رهندو آيو آهي.ان دوران پڻ هميشه ساڳي صورت حال رهندي آهي، هن ڀيري توقع ڪجي ٿي ته حقيقي معنيٰ ۾ ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي،جيئن عوام ۽ سرڪار وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽي ختم ٿي سگهي.

هئڻ ته ائين گهرجي جو قدرتي آفتن کي بروقت ۽ جديد طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل اختياري پاران عوام کي سکيا ڏيڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن ۾ اهڙي ڪنهن امڪاني مسئلي کي بروقت سامهون ٿيڻ جي لاءِ بهترين صلاحيت پيدا ٿئي ۽ ڪنهن به خطري جي صورت ۾ ماڻهون انهن معاملن کي مثبت طريقي سان حل ڪرڻ جي قابل ٿي وڃن، پر هتي لاڳاپيل کاتي شايد پاڻ تي اهڙي ڪنهن به ذميداري کي محسوس نه ڪيو آهي.

سنڌي ماڻهن جو تصور  آهي ته برسات قدرت پاران رحمت آهي، اهڙي ويچار جو پس منظر هي آهي ته اڳي برسات ئي گهڻي ۽ مٺي پاڻي جو سبب هوندي هئي، ان کانپوءِ واهن جي ذريعي پاڻي پري پري تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو ويو. اهو درست آهي ته برسات قدرت جي پاران رحمت هوندي آهي پر ان سموري مرحلي کي سرڪار ۽ ان جي مس مينيجمينٽ عوام جي لاءِ زحمت بڻائي ڇڏيندي آهي.

شهرن ۾ هڪڙو ٻيو وڏو آزار هي آهي ته برسات جي صورت ۾ اڳوڻي نيئن ۽ نالن کي سوڙهو ڪري انهن نالن ۽ نيئن جو پيٽ تنگ ڪيو ويو آهي جيڪي نيئون ۽ ناله اهو پاڻي کڻي ڪنهن ٻئي نئين ۾ وجهندا هئا جيڪي واري اهو پاڻي نيٺ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، جنهنڪري  ڪنهن به زوردار مينهن پوڻ جي ڪري شهري علائقن ۾ مسئلي پيدا ٿيڻ جو خطرو موجود رهي ٿو.

ٻيو معاملو هي به آهي ته درياهه جي پيٽ توڙي ڪچي ۾ بااثر ڌرين پاران اتي قبضو ڪري زمين آباد ڪرڻ ۽ هر ڪنهن پاران انهن ٻنين کي ننڍا وڏا بند ڏيڻ جي نتيجي ۾ پاڻي جا لنگهه بند ٿي ويا آهن.جنهن ڪري به ڪچي توڙي پڪي جي ڪمزرو درياهي بندن وٽان خطرا ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.