ڇا پ پ پ پنجاب ۾ پنھنجا پير پختا ڪري سگھندي؟

ذلفي چاچڙ

پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پارٽي ورڪرن جي ھڪ وفد سان ملاقات دوران ڳالھائيندي چيو آھي، ته ھو پنجاب ۾ ويھي سياست ڪندو ۽ اتان جي ڪارڪنن کي عزت ڏيندو. آصف علي زرداريءَ جو ھيءُ  بيان محض سياسي بيان ناھي، ان مختصر بيان جي پسمنظر ۾ ھڪ ڊگھو داستان پوشيده آھي، اھو سچ آھي ته ڪنھن به پارٽي لاءِ مرڪز ۾ مضبوط حڪومت ٺاھڻ لاءِ پنجاب جي رضامندي لازمي شامل ھجي ٿي، جيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ زرداري حڪمت عملي جوڙي ورتي آھي ۽ ان سلسلي ۾ ھو ننھن چوٽيءَ جو زور لڳائيندو، ڇوته محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کانپوءِ ۽ گذريل اليڪشنن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ڪمزور ٿي وئي ھئي، پر سوال اھو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا پيپلز پارٽي جي پنجاب ۾ وڃايل ساک رڳو زرداري جي ان عمل سبب بحال ٿي سگھندي ته ھو پنھنجو سياسي مرڪز لاھور کي بڻائي اتي ئي مستقل طور تي سڪونت اختيار ڪري؟ 

موجوده حڪومتي سيٽ اپ جڙڻ کان ڪجھه  ڏينھن اڳ ئي مون پنھنجي ڪالم” زرداري شھباز شريف کي وزيراعظم بڻائي ڪھڙا سياسي فائده حاصل ڪندو“ ۾ اھو لکيو ھو ته نه صرف نيازي جي ناڪامي جو تسلسل ڪيتري ئي وقت تائين برقرار رھندو، پر اڳتي ھلي اھو بدترين صورتحال اختيار ڪري ويندو، جنھن کي سنڀالڻ ڪنھن جي به وس ۾ نه ھوندو، ۽ اھڙي طرح (ن) ليگ جي ناڪامي به يقيني بڻجي ويندي، جنھن جو زرداري ڀرپور فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ اليڪشن مھم ۾ اھو ئي موقف اختيار ڪيو ويندو ته پاڪستان کي موجوده بحران مان صرف پ پ پ ئي ڪڍي سگھي ٿي، مھانگائي جو ماريل، نيازي ۽ (ن) ليگ جي ڪارڪردگي کان مايوس پاڪستان جي عوام جي آخري اميد پيپلز پارٽي ئي بڻجي ويندي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ان جي کٽڻ جا امڪان ڪجھه  وڌيڪ چٽا ٿي ويندا.

 حقيقت ۾ پاڪستان جي موجوده بحران، مھانگائي ۽ معاشي مسئلن جو ڪنھن قدر حل اليڪشن ۾ ئي آھي، جيڪڏھن ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ بدران ڪنھن ٻئي پارٽي جي حڪومت جڙي ٿي يا پي ڊي ايم جيان ڪو گڏيل سيٽ اپ به قائم ٿئي ٿو ته به آءِ ايم ايف ۽ ٻين پرڏيھي ادارن پاران نئين حڪومت سان نرمي ڪئي ويندي، پر جيئن ته ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سوڀاري ٿيندي نظر اچي رھي آھي، ڇو ته زرداري ڀرپور نموني سان تياري ڪري ميدان ۾ لٿو آھي، ۽ ھن ڀيري ساڻس مدمقابل ٻيو ڪو مضبوط حريف به ناھي، ڇوته پي ٽي آءِ ۽ (ن) ليگ جو عوام وٽ وڃڻ جو ڪو به اخلاقي جواز باقي ناھي بچيو آهي، ان لاءِ نئين حڪومت سان پرڏيھي ادارن جي سھڪاري رويي جو ڪريڊٽ پ پ پ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.

 سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ايتري قدر وڌي وئي آھي، جو ھاڻ سارين جو ٻج پوکڻ واري مند به چڙھندي پئي وڃي، پر سنڌ جي واھن ۾ پيئڻ جيترو پاڻيءَ  به نه ڇڏيو ويو آھي، جڏھن ته پنجاب جا ڌاڙيل ڪئنال تارون تار وھي رھيا آھن، خدشو آھي ته ھيل سنڌ ۾ سارين جو فصل نه ٿي سگھندو، ۽ ماڻھن کي امڪاني ڏڪار وارو خوف ورائي ويو آھي، ڇو ته سندن معاشي گذر سفر جو واحد ذريعو زراعت ئي آھي، جنھن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي وئي آھي ۽ ھاڻ سنڌ جو پاڻيءَ  به بند ڪري زراعت سان لاڳاپيل ماڻھن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ پاڻيءَ  جي کوٽ ڪو قدرتي ڏمر ناھي، جو ماڻھون رب جي رضا سمجھي ماٺ ڪري وڃن، پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب کي راضي ڪرڻ ۽ سياسي فائدو کڻڻ لاءِ سنڌ جو پاڻي پنجاب کي ڏيڻ ۾ راضي آھي، ان ڳالهه جو اعتراف خورشيد شاهه به ڪري چڪو آھي.

 پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جو معرڪو فتح ڪرڻ ۽ بلاول ڀٽو کي وزير اعظم بڻائڻ لاءِ ڪنھن به حد تائين وڃي سگھي ٿي، ان سلسلي ۾ انھن سنڌ جو پاڻي پنجاب کي ڏئي عملي طور شروعات به ڪري ڇڏي آھي، ٿي سگھي ٿو پردي پٺيان پنجاب کي ڪالاباغ ٺھڻ جو آسرو به ڏنو ويو ھجي، جنھن جي تعمير پنجاب جي پراڻي خواھش به رھي آھي، ڇو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ ئي سنڌ ۾ ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون جھڙا سنڌ دشمن منصوبه شروع ٿيا، پرامن احتجاج ڪرڻ تي ھزارين سنڌي ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪري کين جيلن ۾ وڌو ويو، ۽ ڇانوڻين جي تعمير لاءِ سنڌ جي سوين ايڪڙ زمين ڏني وئي، پ پ پ پاران سنڌ سان ويساهه گھاتين وارو داستان گھڻو پراڻو آھي، پر سنڌ جو عوام ان معاملي تي ڪڏھن به سنجيده ناھي ٿيو، اھو ئي سبب آھي جو پ پ پ جا چونڊيل نمائنده پنھنجي حڪومتي دور ۾ سنڌ ۾ ڪو ترقياتي ڪم ڪرڻ بدران سمورو بجيٽ ھڙپ ڪري وڃن ٿا، ڇو ته کين ووٽ وڃائڻ جو ڪو خوف خطرو ناھي ھوندو، جيئڻ جي آخري ۽ واحد ذريعي پاڻي معاملي تي سنڌ جي عوام کي اکيون کولڻ گھرجن ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ جو پاڻي پنجاب کي تحفي ۾ ڏيندڙ پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ نه ڪن، نه ته بلاول ڀٽو جي وزيراعظم بڻجڻ جي جيڪا قيمت اوھان کي ادا ڪرڻي پوندي، اھا اوھانجو ايندڙ نسل به ياد رکندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.