سنڌ ۾ خودڪشيءَ جا واقعا ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا آھن جنھن جو وڏو سبب مھانگائي، بيروزگاري آھي، قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ ڌرتي جا وارث بيروزگاريءَ سبب پنھنجي ٻچن جو قتل ڪري پاڻ خودڪشي ڪري رھيا آھن، ڏينھون ڏينھن وڌندڙ مھانگائيءَ عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي ڪري خودڪشي جھڙا واقعا ’ٿي رھيا آھن، ڪٿي  نوجوانن وٽ سڀ آسائشون ھئڻ باوجود من پسند رشتا نه ملڻ يا گھر ۾ ڪا فرمائش پوري نه ٿيڻ جي ڪري بغير سوچي سمجھي جلد بازي ۾ اچي پنھنجي زندگي ختم ڪري ڇڏيندا آھن، پر پويان والدين کي جيئري عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آھن، ميڊيڪل فيلڊ سان واسطو ھئڻ ڪري اڪثر خودڪشي جھڙا ڪيس سامھون ايندا آھن.

 ڪجهھ وقت پھريان ھڪ دوست جي سئوٽ پسند جو رشتو نه ملڻ جي ڪري ڪارو پٿر پي پنھنجي زندگي ختم ڪري ھاڻ اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻار به ڊپريشن جھڙي مرض ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن، اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ ٻارن جا نمبر گھٽ اچڻ جي ڪري شاگرد اسٽريس ۾ اچي خودڪشي جي ڪوشش ڪندا آھن،

گذريل ھفتي اسان جي پاڙي ۾ ستن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ زھر واپرائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان نوجوان جي والده مونکي چيو  اسان سان ڪو به گڏ نه آھي توھان اسان سان گڏ ھلو، مان اُن امڙ جي اکين ۾ ڳوڙھا ڏسي ان سان گڏ ھليو ويس ايمبولنس ۾ ڊاڪٽر جي ايڊوائز سان ضرورت مطابق فرسڊ اِيڊ ڏيندو ويس، ميرپور ماٿيلو کان رحيم يار تائين ان جي جيجل ۽ ان جي ڀينرن جا ڳوڙھا وهي رھيا مون محسوس ڪيو اھڙا نوجوان ڪيترا  خودغرض آھن جيڪي پنھنجي والدين جي دردن کي محسوس ڪرڻ بنا اھڙو قدم کڻندا آھن.

 جڏھن مان ان نوجوان جي خودڪشي ڪرڻ جو جواز ان جي والده کان پڇيو ته  انھي ٻڌايو ھن پيَُ کان پيسا گھريا اُن وٽ پيسا نه ھئا جنھن جي ڪري ان اھو قدم کنيو آھي، معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ان نوجوان جو  رٽائر پيرسن والد انھي جون سڀ فرمائشون پوريون ڪيون، نوجوان جي ضد مطابق ان کي ڏيڍ لک جي آءِ فون، ٽن لکن جي موٽر بائيڪ پنج لکن جو دڪان کولي ڏنو آھي پر ان جي باوجود هو پنھنجي پيرسن والدين کي پريشان ڪندو رھيو، رحيم يار خان ۾ وقت سر بھتر علاج ٿيڻ جي ڪري سندس جي زندگي ته بچي وئي، والدين جو اڪيلو سھارو انھن جي دعائن سبب موٽي آيو، هن جھڙا نوجوان گھر ۾ سڀ آسائشون ھئڻ باوجود ڊپريشن ۾ اچي زندگي جو ڏکيو فيصلو ڪري ڇڏيندا آھن، ڊپريشن موروثي بيماري آھي ڊپريشن جو علاج موجود آھي علاج مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري ڳالھه خودڪشي تائين پھچي ويندي آھي.

احمد پتافي

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.