ملڪ ۾ تبديليون ۽ اتحادي حڪومت

علي محمد ميمڻ

ملڪ  ۾ حڪومت جي تبديلي ۽ سياست ۾ ايندڙ تبديليون يقينن پنهنجو پاڙون هڻي رهيون آهن،  ملڪ جي ڀيل ڪندڙ اڳوڻي حڪومت ۽  وزير اعظم عمران خان کي4 سالن بعد  پارليامان مان بي اعتمادي جي رٿ ذريعي نيڪالي ڏيارڻ ۾ پراڻين سياسي جماعتن  پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نوا ز ، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن ۽  اڳوڻي حڪومت جي اتحادين طرفان رانديگرن ۽ بازيگرن جي حڪومت جي خاتمي لاءِ  هلايل مهم جي ڪامياب ٿيڻ بعد اتحادي حڪومت قائم ٿيڻ ڪري ميان شهباز شريف جي وزير اعظم ۽  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي اتحادي حڪومت جو  سرپرست اعلي بنائڻ  ۽ ٻين اتحادي جماعتن کي اقتدار ۾ حصيدار بنائڻ وارو تجربو ظاهري طور تي ڪامياب ثابت ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. ٻه مهينا اڳ  اتحادي حڪومت جي قائم ٿيڻ سان  ملڪ جي عوام کي اڃا تائين ڪا وڏي خوشخبري ته نه ملي سگهي آهي پر ملڪ کي يرغمال بنائيندڙ اڳوڻن حڪمرانن جي  تبديلي سان ملڪ جو سياسي ماحول گهڻي حد تائين پرسڪون ضرور ٿي ويو آهي. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ جو جهاز جيڪو  ڪنهن وڏي تباهي ڏانهن تمام تيزي سان وڌي رهيو هو اهو هاڃيڪار ڪپتان جي تبديلي سان يقيني تباهي کان في الحال بچي ويو آهي پر ملڪ کي گذريل دور ۾ پهتل هاڃيڪارين ۽ نقصانن جا گهاءَ ضرور ڀرجڻ لڳا آهن ۽ وري اميدون پيدا ٿي پيون آهن.

           ملڪ تي ريٽائرڊ ڪرڪيٽ ڪپتان عمران خان کي ميڊيا مهمن، قارون جي ڳجهن خزانن ۽ جادو منترن سان وڌائي ويجهائي، ديو بڻائي  ۽ 2018ع واريون عام چونڊن جا نتيجا بدلائي هڪ ڪاغذي چيتي کي ديو بڻائي ملڪ تي حڪمران ڪري آڻي وهاريو ويو اهو يقينن ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ٿيل پراڻين وارداتن جو هڪ نئون شاهڪار ۽ سياست جو غير معمولي حادثو هو،  جنهن مان ملڪ کي نجات ڏيارڻ ۽ ٿاڦيل حڪومت کي هٽائڻ پڻ وڏي محنت ۽ مشقت وارو معاملو هو جنهن کي سڀني گڏجي ممڪن بنائڻ ۾پنهنجو پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪيو ۽ آخرڪار ڪنڌ تي سوار کي لاهي کڻي اڇلايو ويو ۽ ملڪ کي وري آئيني ۽ جمهوري رستي تي هلائڻ ۽ سياسي سرشتو بحال ڪرڻ لاءِ  ڪاوشون ڪيون پيون وڃن.۽ هن وقت اڳوڻي حڪومت جي باقيات ۽ طرفدارن ۽ خاص  قسم جي مددگارن کي منهن ڏنو پيو وڃي. ڪپتان خان واري حڪومت جو تختو غير معمولي انداز ۾ اونڌو ٿي وڃڻ اهڙو وڏو سياسي واقعو ٿيو آهي، جنهن عبرتناڪ صورتحال کي  سمجهڻ ۽ هضم ڪرڻ پي ٽي آءِ جهڙي خاص جماعت ۽ ان جي قيادت لاءِ  قبولڻ يقينن سندن سمجهه کان ٻاهر معاملو هو. پر حڪومت وڃائيندڙ رانديگرن  لاءِ  اڃا تائين پنهنجو گلشن اجڙي وڃڻ ۽ مفت ۾ مليل بادشاهي جي ڦرجي وڃڻ کي سندن دماغ تسليم ڪرڻ کان  محروم آهن. اهوئي سبب هو جو ڪپتان خان طرفان حقيقت حال کي قبولڻ بجاءِ پنهنجي جنونين جي لشڪر کي اسلام آباد تي چڙهائي ڪري وفاقي دالحڪومت کي هڪ ڀيرو وري  يرغمال بنائڻ لاءِ  پنهنجو سمورو زور لڳايو ويو پر  ناڪام ٿيا ۽ آخرڪار  ڪپتان کي پنهنجي خاندان ۽ لشڪر سميت اسلام آباد ڇڏي پشاور  وڃي پاڻ لڪائڻو پيو آهي. ۽ اهوئي شهر هن وقت سندن اڪيلي پناهه گاهه بڻيل آهي.

         ملڪ کي واڳوئن جي وات مان ڪڍڻ بعد هاڻي ان جا ساهه بحال ڪرڻ ۽ 22 ڪروڙ عوام جي جياپي جي جدوجهد ڪامياب ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن وٽ ڪوبه رستو باقي نه بچيو آهي. وفاقي ۽ صوبائي  اتحادي حڪومتن لاءِ  هن وقت ملڪ جي جياپي ۽ عوام جي ضرورتن لاءِ  رستا ڪڍڻ ۽ پنهنجن تجربن ۽ صلاحيتن جو بهترين استعمال ڪرڻ آهي. ملڪ جي بجيٽ، رٿائون، گذران ۽ جياپي جا مسئلا حل ڪرڻا آهن ۽ ملڪ کي عالمي مالياتي ادارن جي رحم  ڪرم ۽ قرضن جي آڌار تي جياري ۽ بچائي نه ٿو سگهجي، تنهنڪري ان ڏس ۾ درست قدم کڻڻ لازمي آهي. بيشڪ ! ملڪ ۾ حڪومت سياست وارو  اصل ڪم هاڻي شروع  ٿيو آهي.  اتحادين جي گڏيل حڪومت  کي پنهنجا واعدا نڀائڻا آهن. ملڪ کي عالمي ناڪا بندي کان بچائڻ ۽ معاشي ۽ اقتصادي مسئلن جو ترت ۽ فوري حل ڪڍڻ لازمي معاملو آهي. جيستائين اتحادن جي ڪجهه مهينن واري حڪومت جي ڪارڪردگي جو  تعلق آهي ته،  هن وقت ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ جي  ڏيهي ۽ پرڏيهي معاملن کي سڌارڻ ۽ پهتل نقصانن جي مرمت وارن ڪمن تي توجهه ڪجهه وڌيڪ ڏنو پيو وڃي.

 آمريڪا، يورپ، چين، ايران  ترڪي۽ دنيا جي مختلف ملڪن  سان لاڳاپا بحال ۽  سرگرم ڪرڻ تي ڪم وڌيڪ ٿي رهيو آهي. پرڏيهي معاملن ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون ۽ خوشخبريون منظر عام تي اچي رهيون آهن جو ملڪ جو پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو  اعليٰ تعليم يافته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ  ٿورڙي وقت ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا ڪامياب دورا ڪيا آهن ۽ آمريڪا، چين، ترڪي ۽ ايران سان پاڪستان جا لاڳاپا سرگرم بنائڻ لاءِ   ڳالهيون ڪيون ۽ ٻه طرفان معاهدا پڻ ڪيا آهن.  وزير اعظم ميان شهباز شريف جي ترڪي، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات  جي ڪامياب دورن کي پرڏيهي معاملن ۾ ڪامياب دورا قرار ڏئي سگهجن ٿا، جنهن جو ملڪ کي لاڀ ملڻ وارو سلسلو پڻ شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي.

      ملڪ سان لڳاتار ٿيندڙ حادثن بعد هن وقت جيڪو بحالي وارو سلسلو جاري ٿيو آهي  تنهن موجب،  اسان جي نظر ۾ هن اتحادي حڪومت مان ملڪ جي جياپي لاءِ  ڪجهه بنيادي ۽ ايمرجنسي قدم کڻڻ واريون اميدون رکي سگهجن ٿيون. جنهن ۾ ايندڙ سال ملڪ ۾آدمشماري جو رڪارڊ درست ڪرڻ، وفاق ۽ صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ، جمهوري ۽ پارليماني سرشتي کي فعال ڪرڻ ۽ ايندڙ سال ٿيندڙ نئين چونڊن لاءِ  رٿابندي ۽ قانونسازي ڪرڻ سان گڏوگڏ نيون تڪبنديون مڪمل ڪرڻ ئي آهي. جنهن سان ملڪ جو سياسي ۽ پارلياماني سرشتو اڳتي هلي بحال ۽ فعال ٿي سگهي ٿو. اتحادي حڪومت ۽؛ رياستي ادارن ۾ وڌندڙ ويجهڙائپ ۽ سهڪاري اپائڻ ۽ ڪارروائين جي معنيٰ اها پڻ چئي سگهجي ٿي ته، حڪومت ۽ رياستي ادارا هن وقت يڪجا ٿي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اتحادي حڪومت جي صلاحيتن مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ ۽ بيشمار بحرانن جي شڪار ملڪ جا ساهه بحال ڪرڻ ۽ ملڪ جي سرشتي ۽ نظام کي وري پٽڙيءَ  تي چاڙهڻ لاءِ   ڪم ڪيو پيو وڃي ته يقينن اها خوشي واري ڳالهه آهي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.