فرانس جي چونڊن ۾ ماڪرون بلاڪ پارلياماني اڪثريت وڃائي ويٺو

فرانس جي صدر ايمانوئل ماڪرون جي سنٽرسٽ يا اعتدال پسند  اتحاد پنهنجي پارلياماني اڪثريت وڃائي چڪو آهي،چونڊن جي نتيجن ۾ کاٻي ڌر جي جماعت  ٻئي نمبر تي ۽ ساڄي ڌر  جي جماعت ٽيئن نمبر تي آئي آهي.19 جون تي ٿيندڙ  چونڊ جي ٻئين مرحلي ۾ ابتدائي اطلاعن  موجب  ماڪرون جي اعتدال پسند اتحاد کي مايوسيءَ کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ پارليامينٽ ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. ماڪرون بلاڪ ”ٽوگيدر“ کي 245 سيٽون مليون جڏهن ته ان کي مڪمل اڪثريت لاءِ 289 سيٽن جي ضرورت هئي. اهو اعلان فرانس جي گهرو وزارت طرفان سومر جي صبح تي ڪيو ويو آهي.

NUPES جي نالي سان سينئر سياستدان زان  ميلنڪون کاٻي ڌر جو هڪ نئون اتحاد جوڙيو هو ،جنهن 131 سيٽون حاصل ڪيون ۽ هڪ وڏي اپوزيشن قوت طور اڀري سامهون آيو آهي. ميلنڪون چونڊ تنيجن تي ڳالهائيندي چيو ته اها ،صدر ماڪرون جي وڏي ناڪامي آهي.اقتدار جي ورهاست يا سياسي جمود سان صدر لاءِ وڏيون رڪاوٽون پيدا ٿي پيون آهن، فرانس ۾اليڪشن نتيجن سان  چونڊيل صدر جي ٻئي مدي دوران سندس ايجنڊا ۽ هن جي ڪيل سڌارن تي عمل ۾ ڪيتريون ئي  پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. ماڪرون  جي لاءِ هن وقت سندس  معاشي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ  جو دارومدار حڪومت جوڙڻ ، ان  عمل ۾ نون عنصرن کي متعارف ڪرائڻ ،شڪست کاڌل وزيرن کي تبديل ڪرڻ ۽ اعتدال پسندن کي متحد ڪرڻ تي آهي. فرانس ۾ هڪ ٽنگيل  پارليامينٽ ان صورتحال کي منهن ڏئي سگهندي ؟

 موجوده  حالتن ۾، انهن سياسي پارٽين جي وچ ۾ اقتدار جي حصيداري اڻٽر هوندي، جن کي 1988-1991 ۾ فرانسوا ميتران  جي صدارتي دور بعد  ڪنهن سياسي عمل جو ڪو به تجربو نه آهي،  هڪ متبادل صورت اها به ٿي سگهي ٿي ته فرانس سياسي طور مفلوج ٿي وڃي ۽ سياست اهڙو رخ وٺي جو ملڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.موجود سياسي منظرنامي ۾ هن سال اپريل ۾، موجوده صدر  ماڪرون کي انتهائي  ساڄي ڌر جي اميدوار مارين لي پين کي شڪست ڏني ٻئي صدارتي مدي جي لاءِ ڪاميابي ماڻي هئي. ان کان اڳ، Jacques Chirac آخري فرانسيسي سياستدان هو، جيڪو 2001 ۾ ٻيهر صدر چونڊيو ويو.ڪاميابي ماڻيندڙ کاٻي ڌر جي اتحاد پاران چونڊ نتيجن جي اعلان کانپوءِ  ڪاميابي جو جشن شروع ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ساڄي ڌر جي سياستدان مارين لي پين جي نيشنل ريلي پارٽي آچر جي چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي.پڄاڻي تي پهچندڙ  پارليامينٽ ۾ هن وٽ صرف  اٺ سيٽون هيون، هن وقت هن کي 89 سيٽون  حاصل ٿيون آهن. اها ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ سندس سڀ کان وڏي پارلياماني ڪاميابي آهي.جنهن سان  مارين لي پين کي  فرانس جي  قانون ساز اداري  ۾ ٽين نمبر وڏي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو  آهي.

ڪنزرويٽو ريپبلڪن 61 سيٽون کٽي ورتيون آهن. جنهن بعد هي پارٽي امڪاني طور  ”ڪنگ ميڪر“ ثابت ٿيندي.ماڪرون  هن وقت ورهايل ۽ سخت مايوس ماڻهن جو صدر آهي. يورپ ۾ موجوده سياسي بحران، خاص طور تي روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ جي ڪري، پاپولسٽ يا عوام پسند پارٽين ٻنهي جو پاسو ڳرو ثابت رهيو  آهي. ماڪرون جي  وزيرن  چونڊن جي نتيجن تي افسوس ڪيو آهي.صحت واري عورت وزير برگيٽ بورگينن، بحري وزير جسٽن بينن ۽ ماحوليات واري وزير ايملي ڊي مونچيلن پنهنجون سيٽون وڃائي چڪا آهن جنهنڪري حڪومت کان ٻاهر ٿي ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.