دعا زهرا اغوا ڪيس جي ٻڌڻي، جبران ناصر سميت ٻيا پيش

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ايسٽ جي عدالت ۾ دعا زهرا جي اغوا ڪيس جي ٻڌڻي دوران جبران ناصر سميت ٻيا پيش ٿيا، جبران ناصر چيو ته سرڪاري وڪيل جو چوڻ آهي ته اسان فائل نه ڏيندسين، سرڪاري وڪيل چيو ته مان اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، اسان چيو ته فائل عدالت ۾ پيش ڪنداسين، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته ڪورٽ فائل ۾ جيڪي ڪاغذ آهن اهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي23 جون تائين ملتوي ڪندي پوليس فائل درخواستگذار کي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.