ايمان مزاري خلاف ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي درخواست خارج

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايمان مزاري خلاف ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جو ڪيس خارج ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، ٻڌڻي دوران ايمان مزاري وڪيل سوڌو عدالت ۾ پيش ٿي.  چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ايمان مزاري آفيسر آف ڪورٽ آهي، کيس اهڙا لفظ نه ڳالهائڻ گهرجن ها، ايمان مزاري معذرت ڪري ورتي آهي، هاڻي ڇا ٿا چاهيو ؟  دفاعي وزارت جي وڪيل چيو ته ايمان مزاري کي پريس ۾ معافي وٺڻ گهرجي،  ايمان مزاري نياڻين جيان آهي، پر سندس پُراڻو ڪنڊڪٽ به ڏسڻ گهرجي.  عدالت ايمان مزاري جي درخواست منظور ڪندي سندس خلاف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آھي، ايمان مزاري پنھنجي امڙ شيرين مزاري جي گرفتاري بعد ادارن خلاف ڳالھايو ھو. 03

منگهوپير ۾ عورت قتل، لاش هيٺان ٻارڙي دٻيل

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي منگھو پير ٿاڻي جي حد منگھوپير ۾ وحشياڻي قتل ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ڇڏيو . پوليس ذريعن موجب منگھوپير ڊبليو 22 بس اسٽاپ ونگي ڳوٺ ۾ پلاٽ مان 25 کان سالن جي عورت جو لاش هٿ آيو، عورت کي تشدد بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان هڪ ڇوڪري جيئري هٿ آئي جيڪا عورت جي لاش وٽ بيٺي هئي، ريسڪيو ذريعن فوري طور تي ڇوڪري کي حراست ۾ وٺي پوليس حوالي ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪريءَ جو چوڻ آهي ته امڙ کي  سندس پيءُ قتل ڪيو آهي، ڇوڪري جي بيان تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوليس اختيارين جو شڪ آهي ته کيس غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.