سنڌ اسيمبلي ۾ گوڙ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبر هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالهه به گوڙ، ”ٻڪري کي چپ ڪرايو“ جي لفظن تي پي ٽي آءِ ۽ پ پ ميمبرن ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، دعا ڀٽو، ڪلثوم چانڊيو ۾ ڏند چڪ ٿي، فردوس شميم نقوي ۽ مڪيش چاولا ۾ به جملن جي ڏي وٺ ٿي. سنڌ اسيمبلي جواجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي پ پ ايم پي اي راڻا همیر سنگھ چيو ته ٿر ۾ قائم ڪيل 84 ڊیمن جي نئين سر تعمير ڪرائي وڃي ته پاڻي مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي ويندو،  ايم ڪيو ايم جي منگلا شرما خطاب ڪندي چيو ته صوبي ۾ عورتن کي نوڪريون نه ٿيون ملن، دعا زهرا ۽ نمرہ ڪاظمي جي میڊیڪل رپورٽ ۾ عمر وڌائي شادي ڪرائي وئي، پوءِ اهڙا ادارا ڇو قائم ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ جي دعا ڀٽو بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته سنڌ ۾ پوتي کي وڏو مان آهي پر ايوان ۾ منهن جي پوتي لاٿي وئي، جن منهنجي هٿ مان پڪڙيو، رئو لاٿو انهن کي شرم ناهي،انهن منهنجونه پر بختاور ۽ فاطمه جو هٿ پڪڙيو، اها پارٽي شهيد بينظير جي پارٽي ناهي اها زرداري مافيا جي پارٽي آهي، بجيٽ بڪ تي اجرڪ ڇاپڻ جو اوهان کي ڪو حق نه آهي،  اوهان کي ٻڏي مرڻ گهرجي. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اهڙي تقرير برداشت نه ڪنداسين، جڏهن عورت ميمبر جي مڙس اسان جي عورت ميمبرن لاءِ ڳالهايو تڏهن هن کي شرم نه آيو، هي ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ چاهين ٿا. ڪلثوم چانڊيو تقرير شروع ڪئي ته پي ٽي آءِ ميمبر گوڙ ڪندا رهيا، پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو دعا ڀٽو کي چئلنج ڪندي چيو ته جيڪڏهن پنهنجي پيءَ جي ڌيءُ آهين ته  مون کي هٿ لائي ڏيکار، ڊڄڻ واري نه آهيان، ڌمڪيون پنهنجي مڙس کي وڃي ڏي، هن چيو ته بنا رئي جي ڊانس ڪندڙ اسان کي اجرڪ جي اهميت بابت سيکاري پئي. ان دوران پي ٽي آءِ جا ميمبر گوڙ ڪندا رهيا، ان دوران صوبائي وزير مڪيش ڪمار ۽ فردوس شميم ۾ ڏند چڪ ٿي ته  ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چيو ته مخالف ڌر وارا ائين گوڙ ڪندا ته پوءِ اسان به کين تقرير ڪرڻ نه ڏينداسين. جي ڊي اي جي  عارف مصطفي جتوئي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته سنڌ سرڪار جي بجيٽ انگن جي هيرا ڦيري آهي، وفاق کان پئسا نه ملڻ جو راڳ الاپيندڙن کي حصي کان وڌيڪ پئسا مليا. دادو ڪينال خالي پيا آهن پاڻي ڪيڏانهن ٿو وڃي. هن چيو ته سنڌ سرڪار هوائي جهاز کي ڊائيوو بس بڻائي رکيو آهي، اهو جهاز ساليانو 50 ڪروڙ جو تيل ڪراچي، لاڙڪاڻو  ۽ نواب شاهه  وچ ۾ کائي وڃي ٿو. پ پ ايم پي اي قاسم سراج سومرو چيو ته سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني آهي، اهو افواهه اليڪشن مهم جو حصو آهي، ان معاملي تي ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ بعد سنڌ ڪابينا فيصلو ڪندي، هن چيو ته مائيننگ لاءِ انڊر گرائونڊ جي اجازت هجڻ گهرجي، سرفيس مائيننگ جي مخالفت ڪئي ۽ ڪندو رهندس. ايم ڪيو ايم جي  رابعه خاتون  چيو ته ڪراچي لاءِ 250 نيون بسون اچڻ سٺو سنوڻ آهي،  25 هزارپگهار مقرر ڪئي وئي پر عمل ڪير ڪرائيندو. امتياز شيخ چيو ته شهيد بينظير چوندي هئي ٿر بدلائيندو پاڪستان اهو ٿيڻ پيو وڃي،ٿر جو ڪوئلو بجلي پيدا ڪري رهيو آھي، فرٽيلائيزر، بجلي ٽيڪسٽائل سميت هر شعبو وفاقي حڪومت به ٿر جو ڪوئلو گهري رهي آهي. ڊاڪٽر سنجي گنگواڻي بجيٽ تقرير دوران ايم پي اي شبير قريشي جي گرفتاري جو معاملو اٿاريندي چيو ته اسپيڪر کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ان دوران ايوان ۾ گوڙ شروع ٿي ويو. جي ڊي اي جي شهريار مهر  چيو ته بلاول ڀٽو زرداري تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي پر تعليم ۾ سڌارو نه آيو، شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي 3 سالن کان رڳو بورڊ لڳل آهي ايوان ۾ بحث جاري هو ته ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اربع ڏينهن ٻه وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.