اسٽيبلشمينٽ جو آخري پيغام، عمران خان سيڪيورٽي رسڪ قرار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) طاقتور حلقن عمران خان کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي، نامياري صحافي ظفر  نقوي پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته انتهائي  سگهاري ذريعي ٻڌايو  آهي ته عمران خان جو پيغام کڻي آخري ڀيرو پرويز خٽڪ اسٽيبلشمينٽ  جي ذميوارن وٽ پهتو هو، جتان کيس جواب  مليو ته اوهان جيڪو ڪجهه ادارن ۽ سربراهن خلاف ڪري رهيا آهيو ان کانپوءِ  ڪهڙي منهن  سان اچو ٿا، هاڻي ته ادارو عمران خان کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي چڪيو آهي. صحافي ظفر نقوي موجب ان کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ  سربراهه خلاف هڪ ڀيرو وري سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ سروع ٿي ويا آهن. ٻئي طرف بني گالا جي چيف آف اسٽاف شهباز گل پريس ڪانفرنس ڪري انٽيليجنس اداري تي الزام مڙهيو آهي ته اداري جي سيڪٽر انچارج پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ (ن)  ليگ کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ اڳواٽ ڌانڌليءَ  جي رٿابندي ڪري ورتي آهي، اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل خاموش  مجاهد  اسان کي سڀ ڪجهه ٻڌائي رهيا آهن. هن هڪ سوال جي جواب  ۾ چيو ته اسٽيبلشمينٽ مان اسان کي 95  سيڪڙو حمايت حاصل  آهي. ڀلي وڃي سروي  ڪري ڏسو ان دوران ملڪ جي ناميارن صحافين خلاف به انتهائي ڪريل ٻولي ڳالهائي ۽ لفافا وٺڻ جا الزام  مڙهيا ،ٻئي طرف هڪ فون ڪال رڪارڊ ٿي وڏي گهر پهتي آهي جنهن  ۾ عمران خان ڪنهن اهم شخصيت سان ڳالهائي رهيو آهي ۽  چئي رهيو آهي ته هنن کي خبر ناهي ته ويندي ويندي اهڙيون  حالتون پيدا ڪري ويندس جو هو 8 ڏهه سال ۾ به مشڪل سان بهتر ڪري سگهندا، صحافي ظفر نقوي تبصرو ڪندي چيو ته اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهڙن رياست مخالفن ۽ اهم ادارن ۾ ڏڦيڙ وجهڻ ۽ ورڇ جون حرڪتون ڪندڙن کي قانون پنهنجي  گرفت ۾ ڇو نه ٿو آڻي، صحافي ته اداري توڙي انٽيليجنس  اداري جو نالو وٺڻ کان به پاسو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته شهباز گل  پريس ڪانفرنس ۾ نالا وٺي الزام  هڻي رهيو آهي پر حڪومت جو ڪوبه ادارو توڙي رياستي ادارا ڪو به  قانوني دڳ اختيار ڪرڻ لاءِ خبر ناهي ڇو تيار نه آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.