ڪي پي جي استادن پاران بني گالا ۾ اسد عمر، شيرين مزاري جي رستا روڪ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) بني گالا ٻاهر ڌرڻو هڻندڙ ڪيپي جي استادن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي رهائش گاهه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس کين روڪي ورتو، احتجاج ڪندڙ استادن چيو ته مطالبا تسليم نه ٿيا ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ خلاف تحريڪ هلائينداسين، سندن مطالبو آهي ته صوبي جي 58 هزار استادن کي مقرري جي تاريخ کان مستقل ڪيو وڃي، سينيارٽي ۽ ساليانو انڪريمينٽ به ڏنو وڃي جڏهن ته ٻئي ڏينهن ڌرڻي دوران مظاهرين پي ٽي آءِ اڳواڻن شيرين مزاري، اعجاز چوڌري ۽ اسد عمر جون گاڏيون به روڪي ڇڏيون، استادن پي ٽي آءِ خلاف نعرا هنيا، اسد عمر ساڻن ڳالهائيندي چيو ته توهان کي هتي ڏسي خوشي ۽ تڪليف ٻئي ٿي رهيا آهن، توهان جو پيغام چيئرمين تائين پهچائيندس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.