مڪاني چونڊن ملتوي ڪرائڻ بابت دير سان فيصلو ڇو ڪيو ويو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ ۽ تڪبندين بابت ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي سميت ٻين جي درخواستن تي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي 23 جون جا نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي جي وڪيل فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته سموريون سياسي پارٽيون چونڊون ملتوي ڪرائڻ تي متفق آهن، ھن چيو تھ سليڪٽ ڪميٽي جي اجلاس جا منٽس به عدالت ۾ جمع ڪرايا اٿئون، سنڌ حڪومت به جواب جمع ڪرائي چڪي آهي، فروغ نسيم چيو ته سپريم ڪورٽ مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سياسي پارٽين دير سان فيصلو ڇو ڪيو؟ چونڊ مرحلو ته اپريل کان هلي پيو، منٽس پيش ڪرڻ ۾ دير ڇو ڪئي وئي؟ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار اهم آهي، ڪميشن جو به موقف ٻڌو ويندو، اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس نه جاري ٿيا آهن، عدالت سنڌ سرڪار ۽ اليڪشن ڪميشن کان 23 جون تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، فروغ نسيم چيو ته اليڪشن ڪميشن تڪبندين جي قانون کي به ڏٺو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.