بلوچ عورتن تي تشدد جي مذمت، مراد شاهه ذميوار آهي: سماجي اڳواڻ

ڪراچي (رپورٽر) سماجي اڳواڻ عورتن انيس هارون، عظميٰ نوراني، مهنار رحمان، سارا زمان، نغما شيخ ۽ ساجدہ بلوچ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوئين هفتي بلوچ شاگردن سميت عورتن ۽ ڪراچي يونيورسٽي کان لاپتا ٿي ويندڙ ٻه شاگرد گمشاد بلوچ ۽ دودو بلوچ جي خاندان تي پوليس جارحيت جي شديد مذمت ٿا ڪيون. هنن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ جي ٻاهران بلوچ شاگردن جي گمشدگي خلاف گذريل هفتي 12 جون تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن تي پوليس  ڀرپور فورس جو استعمال ڪندي بلوچ شاگردن کي ۽ عورتن کي شديد تشدد جو نشانو بڻايو، ان واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن عورتن ۽ شاگردن کي گهلي پوليس موبائل ۾ وڌو پيو وڃي. هنن چيو ته مهلب بلوچ جيڪا پنهنجي کنڀجي ويل پيءُ جي آزاديءَ ڪافي عرصي کان تحريڪ هلائي رهي آهي، ان کي ٿاڻي تي پوليس چنبا هنيا ۽ تشدد ڪيو. آمنا بلوچ، سمي بلوچ ۽ نغما شيخ سميت ڪيترن ئي عورتن کي گرفتار ڪيو ويو.  شهيد بينظير ڀٽو هميشه عورتن جي حقن کي اولين ترجيح ڏني پر اڄ پيپلزپارٽي جي دور ۾ عورتن تي اهڙي طرح تشدد ڪرڻ بينظير جي سياست جو ابتڙ آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته اهڙي واقعي جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اسان سمجھون ٿا ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڪاميٽي ٺاهي جان نه ٿو ڇڏائي سگهي، هو ان شئي جو جوابدار آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.