صدر آئين سان کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪري: اياز صادق

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير اياز صادق قومي اسيمبلي اسپيڪر کان مطالبو ڪيو آهي ته هو عمران خان جي پاڪستان ٽٽڻ ۽ فوج جي حوالي سان ڳالهه ڪرڻ تي ڪارروائي لاءِ وفاقي سرڪار کي خط لکي، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي صدر عارف علوي جو طريقيڪار درست ناهي، هو آئين سان ان طرح کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪري، صدر احتساب ايڪٽ بغير صحيح ڪري واپس موڪلي ڇڏيو آهي، صدر جي انهن قدمن کي سٺي نظر سان نٿو ڏسي سگهجي، اليڪشن ترميمي بل به صدر بغير صحيح جي واپس ڪري ڇڏيو، هن چيو ته عمران خان ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ چاهي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.